پاڪستانسنڌ

وڪيل جو معاشري ۾ ڪردار فقيراڻو هجڻ گهرجي:مير نعيم ٽالپر

مٺي: ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ٿرپارڪر پاران نئين سال جي آمد تي “معاشري ۾ وڪيل جو ڪردار” جي سري ھيٺ ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، ڪانفرنس کي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ مير نعيم ٽالپر چيو ته وڪيل جو معاشري ۾ ڪردار فقيراڻو ھجڻ گھرجي، جنھن سان ملندي ڪنھن به فرد کي ڪو ججھڪ نه ٿئي ته جيئن ھر مظلوم کي قانون پٽاندڙ انصاف ملي سگهي. ٿرپارڪر بار جي صدر وڪيل غلام مصطفى ھنڱورجو چيو ته وڪيل معاشري جو اھم ٿنڀ آھي، جيڪو ظالم ۽ مظلوم جو قانون جي تارازو ۾ توري قانون جي بالادستي قائم رکڻ لا پاڻ پتوڙي ٿو. وڪيل رائسنگھه سوڍو چيو ته وڪيل ملڪ ۽ ملڪن جا قانون جوڙيندڙ به آھن ته قانون جي صحيح تشريح ڪندڙ پڻ آھن. سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر سچل اعواڻ چيو ته وڪيل معاشري ۾ ھڪ بيلنس قائم ڪري رکڻ جو نالو آھي، وڪيل ڌرتي تي مظلوم جي پھريون سھارو ھوندو آھي. سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر شير محمد وساڻ چيو ته ھر ڪاري دور ۾ وڪيل سماج جي ٻنڌڻن کي قانون جي ڌاڳي ۾ رکڻ جا جتن ڪيا آھن. سنيل پڙھيار چيو ته ٿرپارڪر بار جي وڪيلن ھميشه مظلوم جو ساٿ ڏنو آھي، جن ڪارونجهر ڪٽجي ٿو ته ججن سان وڙھي ڪارونجھر بچائڻ جا جتن ڪيا. تقريب کي علي رضا چنا، ماما ھاشم لغاري، عمرڪوٽ بار جي جنرل سيڪريٽري صوبدار کوسو، ميرپورخاص بار جي صدر سڪندر علي ڪولاچي، جاويد اختر بجير، ٽنڊو محمد خان بار جي صدر آر بي سولنگي، نوابشاهھ بار جي جنرل سيڪريٽري علي رضا چنا، وڪيل اڳواڻ الطاف جوڻيجو، رب ڏنو مڱريو، حاجي ھنڱورجو، عبدالغني ھنڱورجو، اقبال ھنڱورو، غفار ناريجو، شوڪٽ علي راھمون، محبوب ڪپري، ابوالحسن نونڌاڻي، ڪانجي ميگھواڙ، ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي دليپ سنگهھ راجپوت، امرت شارڌا، منظور پنھور، شھزاد ملاح، عنايت سھتو، منصور لغاري، سڪندر علي ڪيريو، نياز حسين راھو، رائسنگھه سوڍو ۽ ٻين خطاب ڪيو. ماما ھاشم لغاري اعلان ڪيو ته جلد ميرپورخاص بار ۽ ھائيڪورٽ بار ۾ ڪانفرنسون ڪوٺايون وينديون. آخر ۾ سال جي نئين شروعات تي ڪيڪ ڪاٽيو ويو. محفل موسيقي ۾ نوجوان وڪيل ديال سحرائي سر وکيريا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button