پاڪستانسنڌ

ٽنڊو سومرو ۾ همراهه زهريلو شراب واپرائڻ سبب فوت

عثمان شاھه ھڙي: عمر ساند ٿاڻي جي حد ٽنڊو سومرو ۾ ھمراھه زھريلو شراب واپرائڻ سبب فوت ٿي ويو. ٽنڊو سومرو واسي شفيع محمد ڪھيو رات دير سان زھريلو شراب واپرائڻ سبب فوت ٿي ويو. جڏهن ته شفيع محمد ڪھيو جو لاش ٽنڊي سومري جي کڏ ڀرسان سندس گهر ويجهو ھٿ آيو. اطلاع باوجود پوليس نه پهتي. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته شفيع محمد ڪھيو ٽنڊو سومرو ڀرسان جھوپڙي ۾ رھندو ھو، سندس موت جو ٻڌي افسوس ٿيو آھي. شفيع محمد ڪھيو اصل ٺٽي جو رھاڪو ھو، جيڪو 15 سالن کان کڏ ڀرسان رهندو هو ۽ شراب جو عادي هو. ڳوٺاڻن ايس ايس پي ٽنڊوالهيار فاروق احمد بجاراڻي کان گھر ڪئي ته منشيات فروشن خلاف قدم کڻي نوجوان نسل کي تباھي کان بچايو وڃي. هوڏانهن پوليس پهچي لاش کڻائي ضروري ڪارروائي بعد تدفين ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button