سنڌ

پ پ واعدا پورا نه ڪيا ته فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد هونداسين:گورنر

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم سان ڪيل واعدا پورا نه ڪيا آهن، جيڪڏهن مطالبا نه مڃيا ويا ته ايم ڪيو ايم پنهنجا فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد آهي.لاهور ۾ پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي گورنر چيو ته جيڪڏهن نفاق پيدا ٿيو ته پ پ سان اتحاد ختم ٿي سگهي ٿو، پ پ ايم ڪيو ايم سان ڪيل واعدا پورا ڪري. هن چيو ته مان ايم ڪيو ايم جي گروپن ۾ اتحاد چاهيان ٿو، چاهيان ٿو ته سڀني ۾ اتفاق راءِ پيدا ٿئي.هن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم جي خدشن کان وزيراعظم شهباز شريف کي آگاهه ڪيو ويو آهي، وزيراعظم پ پ سان ڳالهائڻ جو يقين ڏياريو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button