سنڌ

ڪراچي جو عوام مڪاني چونڊن ۾ پ پ جو ميئر چونڊيندو:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي هن شهر ۾ امن امان جي بحالي ۽ ترقيءَ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته شهر جي مالڪي آهي. تنھنڪري کيس يقين آهي ته ڪراچي جا شھري ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ پنهنجو ميئر ضرور چونڊيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر جي صبح شهر جي دوري جي پڄاڻي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن دوران هن ملير ايڪسپريس وي، بي آر ٽي ريڊ لائين ۽ گلستان جوهر ۾ هلندڙ فلاءِ اوور ۽ انڊر پاس جي تعمير جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات وارو وزير شرجيل انعام ميمڻ، مڪاني ادارن وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه، صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ۽ ڪي ايم سي ايڊمنسٽريٽر ڊاڪٽر سيف به ساڻس گڏ هئا. سيد مراد علي شاهه پاڪستان جي عوام خاص طور تي سنڌ واسين کي نئين سال جون واڌايون ڏنيون ۽ اميد ظاهر ڪئي ته نئون سال استحڪام، سماجي، سياسي ۽ معاشي ترقيءَ وارو سال هوندو. دهشتگردي جو خاتمو ٿيندو، جنھن ٻيهر اڀرڻ شروع ڪيو آهي. وڏي وزير چيو ته 2008ع ۾ جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آئي ته بدامني ورثي ۾ ملي. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي پنهنجي انتها تي هئي، پيپلز پارٽي جي حڪومت پنهنجي سياسي عزم ۽ ڪراچي جي عوام جي سھڪار سان نه رڳو دهشتگردن جو انت آندو پر لاڳاپيل سرگرميون کي ختم ڪري ڇڏيو، ان سان گڏ شھر جي ريٽنگ کي پڻ بھتر بڻايو. ورلڊ ڪرائم انڊيڪس ۾ ڪراچي 2014ع ۾ ڇهين نمبر تي هو ۽ 2022ع ۾ 128 تي پهچي ويو آھي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي شھر جا ماڻھو چڱي ريت ڄاڻن ٿا ته ڪهڙي پارٽي سندن حقيقي معنيٰ ۾ خدمت ڪئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪراچي جو ميئر سندس پارٽي جو هوندو، جنهن کي ڪراچي جو عوام چونڊيندو، کيس يقين آهي ته اھي پيپلز پارٽي کي ئي سوڀارو ڪندا، ڇاڪاڻ ته هن پيپلز پارٽيءَ ئي شھر جي خدمت ڪئي آهي، شهر جي مالڪي ڪئي آهي. شهر جي ڊرينيج سسٽم بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ماضي ۾ جڏهن برساتون وسنديون هيون ته ڪيترائي ڏينهن روڊ پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويندا هئا، پر نيڪاليءَ واري نظام جي بهتري ۽ برساتي نالن جي بحالي کانپوءِ مينھن جي پاڻيءَ کي بروقت ٺڪاڻي لڳايو ويو. هن وڌيڪ چيو ته شهر جي رھواسين ان اڳڀرائي جو مشاھدو ڪيو آھي. وڏي وزير مراد علي شاھھ ميڊيا کي ٻڌايو ته هن ڪراچي ڊويزن جي ٽن ضلعن جو دورو ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملير ايڪسپريس وي سندس حڪومت جي هڪ اھم رٿا آهي، جيڪو ڪورنگي کان شروع ٿي ملير ڪاٺوڙ تي ختم ٿئي ٿو. سيد مراد علي شاهه اعلان ڪيو ته ملير ايڪسپريس وي کي جزوي طور آگسٽ 2023ع ۾ کوليو ويندو ۽ سندس پارٽي جي حڪومت چونڊن کانپوءِ ان جو مڪمل افتتاح ڪندي. وڏي وزير چيو ته شهر جي آبادي ۾ ڏينھون ڏينھن غيرمعمولي واڌ ٿي رھي آھي جنھن سبب شهر جي وڏن روڊن تي گاڏين جي ٽريفڪ، رش ۽ ٽريفڪ جام جا مسئلا پيدا ٿي رھيا آھن، جنهن ڪري روڊ استعمال ڪندڙ جو وقت ۽ ٻارڻ ضايع ٿيڻ سان گڏ ماحولياتي گدلاڻ ۽ حادثن جھڙيون تڪليفون ۽ خطرن کي منهن ڏئي رھيا آھن. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ڪراچي کي ٻه بندرگاهون آهن، جتان تيل جي سپلاءِ لاءِ ڳرين گاڏن جي اچ وڃ ٿيندي آھي، ۽ پرڏيھ کان درآمد ڪيو ويندو آھي، اھڙي ريت سپر هاءِ وي (موٽر وي ايم نائين) ۽ نيشنل هاءِ وي اين فائيو تائين شهر جي روڊن تي هيوي ٽريفڪ جو اضافو ٿيندو آهي. وڏي وزير چيو ته صورتحال کي نظر ۾ رکندي سندس حڪومت موٽر وي کي شهر جي مرڪز سان ڳنڍڻ لاءِ مختصر متبادل رستو فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته تفصيلي مطالعي کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ملير نديءَ جي کاٻي ڪناري سان 6 قطارن واري ڊوئيلائزڊ ايڪسپريس وي جي تعمير جو بھترين آپشن آھي، جيڪو قيوم آباد ڀرسان ڪي پي ٽي انٽرچينج کان شروع ٿيندو 50 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موٽر وي (M9) ڪاٺوڙ تي پورو ٿيندو. وڏي وزير اِي بي ايم ۽ شاهه فيصل انٽرچينجز تي هلندڙ اڏاوتي ڪمن جو دورو ڪيو ۽ ايڪسپريس وي جي آر ڊي 15 تي بلديات واري وزير ناصر حسين شاهه ۽ لاڳاپيل انجنيئرن کي بريفنگ ڏني. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هن ملير ڪينٽ جي چيڪ پوسٽ نمبر 6 تي بي آر ٽي ريڊ لائين انفراسٽرڪچر جي ھلندڙ ترقياتي ڪم جو دورو ڪيو. وڏي وزير کي ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ لاڳاپيل انجنيئر رٿا ۽ ان تي هلندڙ ڪم بابت بريفنگ ڏني. وڏي وزير چيو ته بي آر ٽي ريڊ لائين رٿا 28 ارب رپين کان وڌيڪ جي لاڳت سان تيار ڪئي پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته هي ملڪ جي گولڊ اسٽينڊرڊ ٿرڊ جنريشن بي آر ٽي رٿا آهي، جيڪا ٻڙي سبسڊي تي شروع ڪئي ويندي. ان اٿا ۾ 208 آف ڪوريڊور بس شيلٽر هوندا. دوري جي پڄاڻي تي وڏي وزير جوهر چورنگي تي هلندڙ ترقياتي ڪمن فلاءِ اوور ۽ انڊر پاس جي تعمير جو معائنو ڪيو. هڪ ٻئي سوال تي سيد مراد علي شاهه چيو ته ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي تعمير جو ڪم هڪ هفتي اندر شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته تباهه ٿيل گهر جي مالڪ کي ٽي لک رپيا ڏنا ويندا ته جيئن هو پاڻ گھر تعمير ڪرائي. هن وڌيڪ چيو ته تعميراتي ڪم جي نگراني ناليواريون اين جي اوز ڪنديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button