سنڌ

15 جنوري کان اڳ نئين سر تڪبنديون نه ٿيون ته روڊن تي اينداسين:متحده

ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن 15 جنوري کان اڳ درست تڪبنديون نه ڪيون ويون ته هو روڊن تي ايندا، اسان 15 جنوري تي صاف ۽ شفاف چونڊون چاهيون ٿا.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته ايم ڪيو ايم بلدياتي چونڊن لاءِ تيار آهي پر اهي صاف ۽ شفاف ٿيڻ گهرجن، سپريم ڪورٽ به چيو ژہو ته اسان جا مطالبا جائز آهن. هن چيو ته بلدياتي چونڊن جي حوالي سان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پري پول رگنگ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ايم ڪيو ايم جي اڪثريتي علائقن ۾ 80 کان 90 هزار ۽ ٻين ۾ 25 کان 30 هزار تي تڪبنديون ڪيون ويون آهن، چونڊن کي صاف ۽ شفاف ڪيئن ٿو چئي سگهجي.هن چيو ته اها سنڌ جي صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي ته 15 جنوري کان اڳ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ نئين سر تڪبنديون ڪرائي، ايم ڪيو ايم ان حوالي سان عدالتن ۾ وڃڻ سميت سنڌ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن سان به ڳالهايو آهي.هن وڌيڪ چيو ته گذريل 8 کان 10 مهينن کان چئون ٿا ته تڪ بنديون ڪرايون وڃن، چونڊن ۾ ڌانڌلي جو خدشو آهي، جيڪڏهن ڌانڌلي ڪري چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم جو مينڊيٽ چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته انکي قبول نه ڪنداسين. ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته جيڪڏهن غيرجانبدار ۽ شفاف چونڊون نه ٿينديون ته امن ڪيئن رهندو؟ اسان موجوده حڪومت جو حصو آهيون- انصاف امن جي ضمانت ڏئي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته مڪاني ادارن جي چونڊن لاءِ اسان جي چونڊ مهم شروع ٿي وئي آهي، اهي تڪ بنديون چونڊن جي تاريخ وڌائڻ لاءِ ڪيون ويون ته جيئن هن شهر جي مينڊيٽ کي چوري ڪري سگهجي. هن چيو ته اسان چونڊون ملتوي ڪرڻ نٿا چاهيون، تڪ بنديون 5 کان 7 ڏينهن ۾ ٿي سگهن ٿيون، سڀني کي خبر آهي ته ايم ڪيو ايم مختلف مزاج جي پارٽي آهي، جيڪو به اچڻ چاهي ٿو، ايم ڪيو ايم سڀني کي ڀليڪار ڪري ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button