حيدرآباد: صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ ڪالهه پريس ڪلب حيدرآباد جي نون چونڊيل عهديدارن ۽ گورننگ باڊي جي ميمبرن جي اعزاز ۾ راول هائوس ٽنڊو ڄام ۾ تقريب منعقد ڪئي. صوبائي وزير عهديدارن کي سنڌ جي راويتي ثقافتي اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو. ان موقعي تي پريس ڪلب حيدرآباد جي صدر لالا رحمان سمون، جنرل سيڪريٽري حميد الرحمان، علي حسن، محمد حسين خان ۽ گورننگ باڊي جا ٻيا ميمبرپڻ موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان وٽ ملڪ ۾ فيڪ نيوز جو ٽرينڊ هلي رهيو آهي ۽ ڪوڙيون خبرون ائين ڦهيلايون وينديون آهن، ڄڻ ان مان سچ جو گمان ٿيندو آهي، جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ شايع ٿيل هڪ آرٽيڪل ۾ اڳوڻي صدر پاڪستان آصف علي زرداري خلاف پڻ ڪوڙي خبر ڦهلائي وئي ته اين او آر ڏئي زرداري صاحب جي سمورن ڪيسن کي راولپنڊي کان ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي. زرداري صاحب جا سمورا ڪيس پنڊي ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن ۽ ڪوبه ڪيس ڪراچي منتقل نه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسان ڪنهن به قسم جي ڊيل ناهي ڪئي، جيڪڏهن ڊيل ڪئي هجي ها ته قيادت کان ڪارڪن تائين ڪيس نه هجن ها. هن چيو ته جن آرٽيڪل لکيو آهي اهي وڏا معزز صحافي آهن، جن کي ذريعن غلط خبرون ڏنيون آهن. صوبائي وزير چيو ته پي ڊي ايم پيپلزپارٽي بڻائي ۽ هن وقت استعيفيٰ نه ڏئي سٺو فيصلو ڪيو نه ته وري هن مهل تائين عمران نيازي وزيراعظم جي عهدي تي ڄميل هجي ها.
هن چيو ته فواد چوڌري مون ۽ ناصر شاهه تي هارس ٽريڊنگ جا الزام لڳايا آهن، هن چيو ته فواد چوڌري جيڪو چيو مان پوري پي ٽي آئي کي کلي عام چيلنج ڪيان ٿو ته جيڪڏهن مون ڪنهن پي ٽي آئي ميمبر سان ڳالهايو به هجي ته آئون تيار آهيان. هن چيو ته پي ٽي آئي هميشه ڪوڙ جي سياست ڪئي آهي اها به هڪ ڪوڙي خبر آهي ۽ پي ٽي آئي جو ڪم ئي اهو آهي ته ماڻهن تي الزام تراشي ڪئي وڃي. هن چيو ته آڊيو ليڪس به توهان جي آئي آهي، جنهن ۾ عمران خان چئي رهيو آهي ته 5 ميمبر خريد ڪيا. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي جو ڪم شروع ڪيو پيو وڃي ۽ تمام جلد متاثرن جي گهرن جي اڏاوت جو سلسلو پڻ شروع ڪيو ويندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مڪاني چونڊن لاءِ پيپلزپارٽي هر وقت تيار آهي. هن چيو ته ٻوڏ دوران سنڌ حڪومت جيڪي به وعدا ڪيا ان جي تياري ٿي وئي آهي. هن چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٻوڏ متاثر 20 لک خاندانن کي گهر ٺاهي ڏيڻ لاءِ پيسا ڏنا ويندا ته جيئن اهي پنهنجا گهر پاڻ ٺاهين. هن چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جيڪي هاري ڪڻڪ پوکيندا آهن انهن کي 5 هزار رپيا في ايڪڙ ڏنا پيا وڃن ۽ انهن جي سموري ڊيٽا مڪمل ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ٻوڏ ملڪ جي هڪ تاريخي تباهي هئي ۽ هاڻي به 5 سيڪڙو علائقن ۾ پاڻي موجود آهي.
هن چيو ته ماڻهن جا فصل تباهه ٿي ويا آهن ۽ کائڻ پيئڻ جون سڀ شيون ختم ٿي ويون آهن، سنڌ حڪومت فوري طور تي تيار ٿيل کاڌو فراهم ڪيو. هن چيو ته سنڌ جي واحد حڪومت آهي جيڪا سرڪاري طور تي 65 رپيا في ڪلو اٽو وڪرو ڪري رهي آهي، جڏهن ته وفاق ۽ پاسڪو جيڪا ڪڻڪ درآمد ڪئي اها 9 هزار رپيا مڻ آهي. هن چيو ته عمران خان چئي ٿو ته هن 15 ارب ٻوڏ متاثرن لاءِ گڏ ڪيا آهن ته اهي 15 ارب رپيا ڪيڏانهن ويا، اهي پيسا جلسن ۾ خرچ ڪيا ويا آهن يا وري ان جي فارن فنڊنگ ٿي آهي يا ڪنهن خاتون کي ڏنا ويا آهن ۽ چيو ته 15 ارب مان پاڻ فقط هڪ ارب رپيا سنڌ ۾ لڳائڻ چاهي پيو. هن چيو ته اسان کان ڊيٽا وٺڻ جي ضرورت نه آهي ويب سائيٽ تي ڊيٽا موجود آهي. هن چيو ته ڇا ڪنهن به، پي ٽي آئي جو متاثرن لاءِ ڪڏهن هڪ اسٽال به ڏٺو.