پاڪستانسنڌ

لاکا ۾ وڌندڙ بدامني ۽ منشيات جي وڪري خلاف شٽربند هڙتال، ڌرڻو

سن: سن لڳ مانجهند ٿاڻي جي حد لاکا شھر ۾ بدامني ۽ منشيات جي سرعام وڪري خلاف ايس يو پي يوسي لاکا جي سڏ تي سوين ڪارڪنن ۽ شھرين مڪمل شٽربند هڙتال ڪري مين چوڪ تي ڌرڻو هڻي ايس ايڇ او مانجهند خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ايس يو پي تعلقه صدر علي نواز ڪنڀر، محمد عمر ابڙو، علي اصغر ميمڻ، گلزار کوسو، جسقم جي عبدالغفور ڪاڇي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته لاکا ۾ روزانو چورين جي آزار سبب رهواسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آھن، چور بنا خوف شھرين جو مال لٽي رهيا آھن،

هڪ مهيني ۾ چوري جون 10 وارداتون پيش آيون آھن، جڏھن ته منشيات فروش سرعام چرس، شراب ۽ نشي آور سوپاريون وڪرو ڪري رهيا آھن، جنهن سبب نوجوان نسل سماجي برائين طرف وڌي ڏوهه ڪري رهيو آھي پر مانجهند پوليس سياسي بااثرن جي ونگار وهندي، اکين تي پٽيون پڌي ڇڏيون آھن. ڏوهارين ذريعي شريف شھرين جون چوريون ڪرائي زبردستي سياسي وفاداريون تبديل ڪيون پيون وڃن. هنن مطالبو ڪيو ته نااهل انتظاميا کي هٽايو وڃي، ٻي صورت ۾ انڊس ها وي تي ڌرڻو هنيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button