پاڪستانسنڌ

سياسي ۽ معاشي بحرانن جون ذميوار وفاقي پارٽيون آهن: قادر مگس

حيدرآباد: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته ملڪ اندر پيدا ٿيل سياسي ۽ معاشي بحرانن جون ذميوار وفاقي پارٽيون آهن، جن اقتدار جي حاصلات لاءِ موقعي پرستيون ڪري ملڪ کي نازڪ موڙ تي آڻي بيهاريو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه حيدرآباد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي ڪراچي ڊويزن جي تنظيمي اڳواڻن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ملڪ جي اندر معاشي ۽ سياسي بحرانن سبب غيريقيني واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، حڪمران جماعتون ۽ اسيمبلي ۾ ويٺل مخالف جماعتون هڪٻئي جون ٽنگون ڇڪڻ ۾ پوريون آهن پر هنن کي عوام جو ڪوبه فڪر ناهي. عوام انتهائي عذاب واري زندگي گذاري رهيو آهي. مھانگائي عروج تي پهچي چڪي آهي عام ماڻهو جو جيئڻ مشڪل بڻجي ويو آهي. حڪمران جماعتون عوام کي ڪوبه رليف ناھين ڏئي سگهيون.

هن وڌيڪ چيو سنڌ اندر برسات متاثرين جي واهر ۽ ٻيهر بحالي ۾ پ پ پ حڪومت مڪمل ناڪام وئي آهي. هن سردي جي موسم ۾ اڃان تائين برسات متاثرين کلي آسمان ھيٺ ويٺل آهن، ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ آهن جن مان اڃان تائين پاڻي ناهي نڪري سگهيو ته ٻئي پاسي مٿان وري سنڌ ۾ هٿرادو اٽي جو بحران پيدا ڪري اٽو مهانگو ڪيو ويو آهي. هاڻي حالت اها آهي جو ڪو غريب ماڻهو ڪلو اٽو وٺي پنهنجي ٻچن کي ماني به نٿو کارائي سگهي. اجلاس ۾ ڪراچي ۾ تنظيم کي سگهارو بڻائڻ جي لاءِ مختلف تنظيمي فيصلا ڪيا ويا ۽ گهر ڪئي وئي ته ڪراچي ۾ سنڌي وسندين کي ڊاهڻ قديمي ڳوٺن جي زمينن تي قبضن جو سلسلو بند ڪيو وڃي ۽ مختلف پراجيڪٽس نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي والار ڪرڻ وارو سلسلو روڪيو وڃي. اجلاس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ گلزار سومرو، حيدر ملاح،ڊاڪٽر سومار مڱريو، عاشق سولنگي، قادر چنا، خير محمد مگسي، حيات تنيو، شاھنواز سيال، عاشق ٿهيم، شبير چانڊيو، رجب مگسي، راڻو زهراڻي، مبارڪ ڀٽي، علي بخش لاشاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button