پاڪستانسنڌ

خانپور ۾ سالياني مفت اکين جي ڪئمپ لڳائي وئي

ڪڪڙ: ڪڪڙ لڳ خانپور ۾ شهيد فهد عزيز اڪيڊمي خيرپور ناٿن شاهه پاران سالياني مفت اکين جي ڪئمپ لڳائي وئي، اکين جي ماهر ڊاڪٽر دبير عالم، سماج سڌارڪ ۽ اديب ڊاڪٽر محمد خان شيخ، پ پ پ اڳواڻ زبير احمد جوڻيجو، سجاد جوڻيجو، عبدالستار ناريجو، لالا اعجاز چانڍيو، مشعودالحق گاڏهي، بابو عبدالرحمان چانڍيو ۽ ٻين هاءِ اسڪول خانپور ۾ قائم مفت اکين جي ڪئمپ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ زبير جوڻيجو چيو ته مفت اکين جي ڪئمپ لڳائڻ جو مقصد غريب مسڪين ۽ بي پهچ مريضن کي سهولت فراهم ڪرڻ آهي، ڪئمپ ۾ مريضن کي علاج جون بهتر سهولتون مفت فراهم ڪري رهيان آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button