پاڪستانسنڌ

ديا ڀيل جي گهرڀاتين جو ڊي اين اي، ٻنهي زال مڙس جي ڀوپن سان رابطن جو انڪشاف

سنجھورو: سنجھورو جي ڊپٽي ڳوٺ ۾ بيدردي سان قتل ڪيل عورت ديا ڀيل جي قاتلن تائين پوليس اڃا پهچي نه سگهي. پوليس عورت جي گھرڀاتين سميت مختلف ماڻھن جا ڊي اين اي لا رت جا سيمپل وٺي ڇڏيا آهن. پوليس پاران گھرڀاتين جو چارٽ پڻ ٺاھيو ويو آھي. ان سليل ۾ ايس ايس پي سانگهڙ بشير احمد بروهي ٻڌايو ته ڊپٽي ڳوٺ ۾ ديا ڀيل جي اهم گواهن ساجن ڀيل ۽ مينا ڀيل جي بيانن ۾ تضاد آهن، ديا ڀيل جي ڪيس ۾ گرفتار ساجن ڀيل ولد ڪرشن ڀيل جو نالو ايف آءِ آر ۾ به شامل آھي، ديا ڀيل ڪمند جي ڇلي تي موجود ساجن ڀيل کي چيو هو ته هوءَ هڪ گاهھ جي ڀري پنهنجي ننڍي ڌي سان گڏ کڻائي کيس روانو ڪري ٿي، تيستائين هوءَ ٻي ڀري ٺاهي تيار ڪري وٺندي، پر هوءَ گاھه جي ٻي ڀري کڻڻ لاءِ واپس ڪمند جي ڇلي تي نه پهتي ۽ وچ ۾ ڪٿي کنڀجي بيدردي سان قتل ٿي وئي. ساجن ڀيل پنهنجي پوليس بيان ۾ چيو آھي ته ديا ڀيل 11 وڳي ڌاري گاهھ جي ڀري کڻائي وئي، ان بعد واپس نه آئي، ساجن تقريبن 1 وڳي ڌاري گهر واپس آيو ۽ ماني کائي هن مال لاءِ ڪتر هنئي، جنهن بعد هو 4 وڳي ڌاري گهر کان موبائل جا گانا ڀرائڻ لاءِ نڪتو ته سامهون ڌيا ڀيل جون ڌيئرون مينا ۽ جيئان ڀيل فصلن کان واپس پئي آيون ۽ گهر ڏانهن روانيون ٿيون، ڪجھه دير بعد ساجن گانا ڀرائي واپس آيو ته کيس خبر پئي ته ديا اڃا تائين واپس ناهي آئي، جنهن بعد هنن سڀني گڏجي ديا کي فصلن ۾ ڳولڻ شروع ڪيو ۽ 6 وڳي ڌاري سندس لاش واٽر جي ڀڪ ۾ سرنهن جي فصل ۾ پيل مليو. ايس ايس پي ٻڌايو ته مينا ڀيل بيان ڏنو ته آئون 11 وڳي ڌاري گاھه جي ڀري کڻي گهر آيس ۽ تقريبن 4 وڳي ڌاري آئون ۽ منهنجي ڀيڻ جيئان امان کي ڳولڻ لاءِ گهر کان ٻاهر آياسين ته سامهون فصلن مان ساجن ڀيل گهرن ڏانهن پئي آيو. هنن ٻنهي جي متضاد بيانن جي سچائي لا جاچ ڪريون پيا. ٻئي پاسي سنجهورو پوليس ۽ جي آئي ٽي ٽيم ڊپٽي ڳوٺ کي جاچ جو مرڪز بڻائي ڪئمپ آفيس قائم ڪري ڇڏي، ڇهين ڏينهن به جانچ آفيسر سمورو ڏينهن ديا ڀيل جي ويڙھي ۾ موجود ماڻھن ۽ ڳوٺ وارن کان بيان وٺندا رهيا. ٻئي طرف جانچ آفيسر ايس ايڇ او غلام شبير دلواڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سموري ڏينهن جي محنت کانپو هر روز رات جو 10 وڳي کان رات جو 3 وڳي تائين لڳاتار ڪيس جي مختلف پاسن تي غور ڪيون ٿا، اسان کي جيو فينسنگ ۽ ڊي اين اي رپورٽ مان سٺي اميد آهي. هوڏانهن پ پ ايم اين اي نويد احمد ڏيرو ڊپٽي ڳوٺ پهچي ديا ڀيل جي پٽ تارا چند ۽ ٻين وارثن سان سان ڏک ونڊيو. ان موقعي تي نويد ڏيرو وارثن کي مڪمل خاطري ڪرائي ته ساڻن انصاف ٿيندو. ٻئي طرف نويد ڏيري پوليس ڪئمپ جو دورو ڪري جاچ بابت ڄاڻ ورتي. پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي انفارميشن سيڪريٽري عاجز ڌامراهھ پڻ ديا ڀيل جي وارثن سان ڏک ونڊيو، جنهن بعد هن پريس ڪلب پهچي ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي چيو ته ڀارتي ميڊيا ديا ڀيل جي قتل ڪيس تي تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آھي ته پاڪستان ۾ اقليتن جا حق محفوظ ناهن، پر حقيقت هي آھي ته مودي جهڙي ڪاسائي حڪمران جي هوندي ڀارت ۾ اقليتن جا حق محفوظ ناهن ۽ سندس هٿ خون سان رڱيل آھن. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، آصف علي زرداري ۽ پ پ سنڌ ۾ اقليتن جي حقن جا سڀ کان وڏا محافظ آھن، بلڪه اقليتن جي حقن جا علمبردار آھن، ديا ڀيل جي قتل جي حوالي سان بلاول ڀٽو مسلسل رپورٽ وٺندو رهي ٿو، قاتل ضرور گرفتار ٿيندا. هوڏانهن ديا ڀيل جي حوالي سان خانداني ذريعن جا نوان انڪشاف سامهون آيا آھن. ذريعن موجب ته ديا ڀيل ۽ سندس مڙس تلوڪو چند ڪارو جادو ڪندڙ ڀوپن جي چڪر ۾ هئا، سال اڳ فوت ٿيل تلوڪو مقامي زميندار جي واڙي ڀرسان رهائش پذير ڌرمون ڀوپي سان لاڳيتو لھه وچڙ ۾ هو ۽ هن ڀوپي کي 10 هزار پڻ ڏنا هئا ۽ مختلف موقعن تي کيس ڪڏهن ٻڪر، ته ڪڏهن گهيٽو ڏن طور ڏيندو هو، جنهن بعد سندس ويجهي مائٽ ڀوپي ذريعي سندس واسطو ٻئي هڪ ڀوپي سان پڻ ٿيو، جنهن بعد هو ٽنهي ڀوپن کان لاڳيتو بليڪ ميل ٿيندو رهيو، بواسير جي بيماري سبب جڏهن تلوڪو جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي ته کيس نوابشاھه ۾ داخل ڪيو ويو، جتي 2 ڏينهن بعد ڊاڪٽر کيس لاعلاج قرار ڏئي واپس کڻي وڃڻ لاءِ چيو، پنهنجي آخري وقت ۾ تلوڪو پنهنجي ڀائرن کي ٻڌايو ته سندس موت ۾ اهي ٽئي ڀوپا ملوث آھن، جن کيس ڪارو جادو ڪري هن منزل تي پهچايو آھي، سندن خاندان ۾ اها ڳالھه به مشھور آھي ته تلوڪي ۽ سندس وني ديا ڀيل تي غيبات جو اثر آھي، تلوڪو چند ڀيل جي لاڏاڻي کانپو به ديا ڀيل وٽ ڀوپن جو اچڻ وڃڻ هو، جنهن تان ديا ڀيل جو پٽ سومر چند ۽ ننهن ڦول متي به کائنس الڳ رهندا هئا. ڦول متي موجب ته سندس سس مٿان غيبات جو اثر آھي. ديا ڀيل جو پٽ سومر چند به ڀوپن جي اچڻ وڃڻ تي پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي مار به ڏني هئي، پيءُ جي لاڏاڻي بعد هو پنهنجي ما ديا ڀيل جي ڪنهن به قسم جي مدد نه ڪندو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button