پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار اسپتال ۾ سهولتون نه هجڻ خلاف جسم جي بک هڙتال

ٽنڊوالھيار: ٽنڊوالهيار ۾ جيئي سنڌ محاذ ضلعي ٽنڊوالهيار جي ڪارڪنن سول اسپتال جي گيٽ آڏو اسپتال ۾ سھولتون نه ھئڻ خلاف باغي ڪالرو، وقار بوزدار، ڪي بي ٽالپر، نثار مگسي، غلام رسول رند، حنيف مگسي، الطاف بجراڻي، راجا ملاح، ھاشم واڍيلو، وقار دل، عباس علي ڪالرو، ريحان لغاري، رحمت الله رند، حسين گل بوزدار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 6 ڪلاڪن تائين علامتي بک ھڙتال ڪئي. اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڊي ايڇ او ابراھيم پرھياڙ، سول اسپتال جو ايم ايس بشير سولنگي، اڪائوٽنٽ سجاد عالماڻي، حسين بخش ٿيٻو ۽ ٻيو عملو ڪرپشن ۾ ملوث آھي، سول اسپتال جي ساليانا بجيٽ 66 ڪروڙ آھي، پر مريضن کي ڪنھن به قسم جي سھولت فراھم نٿي ڪئي وڃي. هنن مطالبو ٿا ڪيو ته صحت کاتي ۽ سول اسپتال جي ڪرپٽ عملي کي برطرف ڪري سول اسپتال ۾ سهولتون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button