پاڪستانسنڌ

عثمان شاهه هڙي لڳ روڊ حادثي ۾ واپڊا ملازم فوت

عثمان شاھه ھڙي: عثمان شاهھ ھڙي ويجهو روڊ حادثي ۾ واپڊا ملازم فوت ٿي ويو. ڳوٺ بهار خان ميرجت جي رهواسي واپڊا ملازم ربڏنو ميرجت سان راشد آباد وٽ روڊ حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ ربڏنو فوت ٿي ويو. وارثن موجب ربڏنو ميرجت پاڪستان آرمي مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد واپڊا حيسڪو ۾ ملازمت ڪندو هو. گذريل ڏينهن صبح جو گهران ڊيوٽي تي وڃي رهيو هو ته ڪٻي اسٽاپ وٽ نامعلوم ڪار سوار کيس ٽڪر هنيو، جنهن بعد ڪار سوار فرار ٿي ويو، ربڏنو کي مقامي ماڻهن کڻائي سول اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش اسان جي حوالي ڪيو ويو. ٻئي پاسي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. مرحوم کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button