پاڪستانسنڌ

سماجي تنظيم سان گڏ ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪئي آهي:پير محمد شاهه

ٽنڊوالهيار: ڊي آئي جي حيدرآباد پير محمد شاهه چيو آهي ته مرڪزي تنظيم آرائين پاڪستان ضلعي ٽنڊوالهيار تنظيم پهرين ڏينهن کان ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪري رهي آهي، مختلف ضلعن ۾ هنن سان گڏ وڃي متاثرن جي مدد ڪئي آهي. سياري دوران برسات متاثرن ۾ ڪپڙا ۽ کاڌي پيتي جو سامان ورهايو آهي. ٽنڊوالهيار ۾ تنظيم آرائيان پاڪستان ضلعي ٽنڊوالهيار پاران ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪندڙ ماڻهن کي مڃتا ڏيڻ لا منعقد تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ته هي نيڪ ڪم منهنجي هٿ سان ڪرايو ويو آهي، هي پيغمبري پيشو آهي، جنهن کي ڏسي ٻيا ماڻهو به پنهنجي علائقن جي متاثرن جي ڀرپور مدد لا اڳتي ايندا. هن وڌيڪ چيو ته منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروايون جاري آهن، ڪنهن کي به بخش نه ڪيو ويندو، سمورن ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز سرد موسم ۾ گشت وڌائين ۽ عوام کي تحفظ فراهم ڪن، ڪنهن به پوليس آفيسر جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. تقريب ۾ ايس ايس پي فاروق بجاراڻي چيو ته جنهن به سٺو ڪم ڪيو، ان جي ساراهه ٿيڻ گهرجي. آخر ۾ ڊي آئي جي پير محمد شاهه ايس ايس پي فاروق بجاراڻي، سي آئي اي آفيسر اسلم لانگاهه، عرفان شاهه، ايس ايڇ او آدم ابڙو، انسپيڪٽر امجد جوڻيجو، رحيم گوپانگ، مظهر مهندي، ڊي اي او رياض احمد جي ميمڻ، تاجر اتحاد صدر عبدالحميد قريشي، ماما رتن لعل لالواڻي، عزيز چوهاڻ، نديم ڪشميري، مجيري عثمان قائمخاني، چوڌري محمود اختر، چوڌري عابد، امير حسين پتافي، آصف رمضان ڪشميري، پرويز آرائين، ظفر آرائين، شاهد ڪمبوهه، بابو وڙائچ، الهبخش پتافي، آصف عزيز ڪمبوهه، عمران يوسف، اڪرم آرائين، ناصر رفيق، سلطان ڪشميري، علي رضا آرائين، وقاص آرائين، آصف اقبال آرائين ۽ ٻين کي شيلڊون ڏنيون. جڏهن ته مرڪزي تنظيم آرائيان پاڪستان ضلعي ٽنڊوالهيار جي صدر آصف اقبال آرائين خطاب ڪندي چيو ته اسان چيئرمين چوڌري سلامت علي آرائين ۽ سرپرست اعلى عبدالمجيد آرائين جي خاص هدايتن تي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button