پاڪستانسنڌ

موسمي تبديلي مان خطرو آهي، پاڻي جا لنگهه بحال ڪيا وڃن:جهڏي ۾ سيمينار

جهڏو: جهڏي ۾ “عالمي موسمي تبديلي جو اثر ۽ ٻوڏن کان بچاءُ جا سائنسي طريقا” جي عنوان سان ڳوٺ سڌار سنگت پاران ماڊل وليج ٽنڊو ڪولاچي جي ڪلچرل هال ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن کي سينيٽر ڪرشنا ڪولهي، صوبائي صلاحڪار ويرجي ڪولهي، محمد يحيٰ ڪولاچي، پروفيسر ڊاڪٽر حسين بخش ڪولاچي، نوجوان سما جي تنظيم سنڌ جي صدر ڊاڪٽر عرفان علي ڪولاچي، جاويد جبار، جاکوڙي صحافي خالد صدف، نامياري ليکڪ ۽ عوامي تحريڪ اڳواڻ ڪامريڊ محب ڀيل خطاب ڪندي چيو ته ساڍا چار ارب سالن کان ھي ڌرتي موجود آهي، ان ۾ زندگي جا آثار رھيا آھن، جنھن کي ھاڻ موسمي تبديلن مان وڏو خطرو آهي، انسانن سائنسي طريقي ذريعي دونھين ۽ گرمي واريون مشينون ھلائي ڪيميڪل ۽ زھر واريون دوائون زمين ۽ پاڻي ۾ ملائي ڇڏيون آهن، جنهن سان انسانن، جانورن ۽ ٻوٽن کي خطرو آهي، هاڻ ماحولياتي گدلاڻ وڌي آهي پاڻي جا قدرتي ذريعا وڏي نعمت آهن، پاڻي جي قدرتي وھڪرن کي بحال ڪيو وڃي. سيمينار ۾ ٻڌايو ويو ته علم جي طاقت سان ٻوڏن ۽ طوفانن جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو. سيمينار دوران عورت ڪانفرنس پڻ ٿي، جنهن کي خطاب ڪندي ڳوٺاڻي عورت جي عهديدارن ايڊووڪيٽ عائشه ڪولاچي ۽ رفعت ڪولاچي مطالبو ڪيو ته سينيٽر ڪرشنا ڪماري گرلس اسڪول جي عمارت جلد منظور ڪرائي ڏي. پروفيسر ڊاڪٽر حسين بخش ڪولاچي چيو ته پاڻي جو نيڪال تمام ضروري آهي ۽ پاڻي کي اُٻاري استعمال ڪرڻ گهرجي. سينٽر ڪرشنا ڪولهي آخر ۾ گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول جو دورو ڪيو ۽ گرلس اسڪول لاءِ بلڊنگ جي منظوري جو يقين ڏياريو. ويرجي ڪولھي چيو ته حڪومت سنڌ جي ٻوڏ متاثرن لا گھر ٺاھڻ جو واعدو ڪيو آهي. ڊاڪٽر غلام مصطفى ڪولاچي جي ڪتاب “منهنجون يادون ۽ گفتا” جو مھورت محمد يحى ڪولاچي ۽ احمد خان ڪولاچي ڪيو. سيمينار ۾ ٻارن ٽيبلوز پيش ڪري تقريرون به ڪيون، جن کي انعامن سان نوازيو ويو. ان موقعي تي محمد حسن چانڊيو، ملڪ محمد چانڊيو، جاويد جبار ڪولاچي، محمد اشرف ڪولاچي، مھرالنسا ڪولاچي، جان محمد ڪولاچي ۽ نوجوان سماجي تنظيم سنڌ جي صدر ڊاڪٽر عرفان علي ڪولاچي پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button