پاڪستانسنڌ

سامارو ۾ اٽو 5 هزار رپيا مڻ ٿي ويو، پورهيتن جو احتجاج

سامارو: سامارو تعلقي ۾ اٽي جا اگھه آسمان سان ڳالھيون ڪرڻ لڳا. جڏھن ته تعلقي ۽ ضلعي انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن ڪو نوٽيس ناهي ورتو، جنهن سبب پورهيت طبقو اٽو خريد ڪرڻ لا پريشان ٿي ويو آهي. اٽي جي اگھن ۾ ٻيڻ تي واڌ خلاف پورهيتن ۽ مزدورن سماجي اڳواڻن عظيم خاصخيلي، شير محمد، سخي محمد شوڪت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ بينر کڻي شاهھ لطيف چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي ھنن ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته سامارو ۽ سامارو روڊ شھرن سميت تعلقي جي ننڍن وڏن هنڌن تي چڪين ۽ فلور ملز مالڪن توڙي دڪاندارن سرڪاري اگھه 65 رپيا في ڪلو ۽ في مڻ 2600 سئو رپيا بدران مهانگو اٽو وڪرو ڪري رهيا آهن، هاڻ چڪي، فلور ملز مالڪ ۽ دڪاندار 5 ھزار رپين ۾ في مڻ اٽو وڪرو ڪري رهيا آهن. هاڻ هنن چانورن ۽ مڪائي جي اٽي جا به اگهه وڌائي ڇڏيا آهن، جيڪو ظلم آهي. چڪي مالڪن کي ھر پٿر تي ڪوٽا جي ڪڻڪ ملي ٿي، ان باوجود ھو سرڪاري اگهھ تي اٽو وڪرو ڪرڻ لا تيار ناھن. ھنن سنڌ حڪومت ۽ سنڌ هائيڪورٽ کان گهر ڪئي ته سستي اگهھ تي اٽو ڏياري فاقاڪشي کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button