پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ اٽو مهانگو ٿيڻ خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا، ڌرڻو

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ۾ اٽو مهانگو ٿيڻ خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا، رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. ان سلسلي ۾ اسلام ڪوٽ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ اٽو 5 هزار رپيا مڻ ٿيڻ خلاف رهواسي، پورهيت ۽ مزدور روڊن تي نڪري آيا. گذريل ڏينهن سماجي اڳواڻ ۽ ليکڪ حاجي محمد ڪنڀار جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن ريلي ڪڍي ٽائون موڙ وٽ مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن دوران هنن زبردست نعريبازي ڪئي. جنهن بعد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري نعرا هنيا ويا. اڳواڻن چيو ته ٿر ۾ هڪ طرف ڏڪاري حالتون آهن، جنهن سبب مزدور طبقو سخت پريشان آهي، مٿان وري سرڪار اٽو مهانگو ڪري غريب ماڻهن مٿان مهانگائي جو بم ڪيرائي جيئڻ جو حق کسي ڇڏيو آهي،ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيت طبقو اٽو ڏيڍ سئو رپيا ڪلو ٿيڻ بعد ٻارن سميت بکون ڪاٽي رهيو آهي، غريب مزدور سڄو ڏينهن پورهيو ڪري گهر وڃڻ وقت پريشان ٿين ٿا ته 5 سئو مزوري مان اٽو وٺون يا ٻيو سامان خريد ڪريو، مٿان بيمار لا دوا به وٺڻي پوي ٿي. اٽو مهانگو ٿيڻ سبب غريب ماڻهو بک ۽ بيماري وگهي مري رهيا آهن، پر سنڌ سرڪار کي رحم نٿو اچي، سنڌ جي گدامن ۾ ڪڻڪ سڙي رهي آهي، پر ماڻهو اٽي لا پريشان آهن، فلور ملن کي ملندڙ ڪڻڪ مان به اسان کي رليف نٿو ملي، فلور ملز وارا به اٽو مهانگو وڪرو ڪري لٽي رهيا آهن. يوٽليٽي اسٽور وارا به اٽي سميت ٻيون شيون من پسندن ۽ دڪاندارن کي وڪرو ڪن ٿا، جيڪو ظلم آهي. هنن گهر ڪئي ته جلد نوٽيس وٺي ٿر جي شهرن ۾ سستي اٽي جا اسٽال لڳائي يوٽيليٽي اسٽور وارن سميت دڪاندارن کي ريٽ لسٽ لڳائڻ جو پابند ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button