سنڌ

فريال ٽالپر جو عورتن لاءِ پنڪ ٽيڪسي منصوبو آڻڻ جو اعلان

پاڪستان پيپلزپارٽي عورتن واري شعبي جي صدر فريال ٽالپر عورتن لاءِ پنڪ ٽيڪسي جو منصوبو آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. فريال ٽالپر اهڙن خيالن جو اظهار آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ پاڪستان بيت المال جي تحت يتيم ٻارڙين ۽ بيواهن جي مدد جي تقريب کي خطاب ۾ ڪيو. هن چيو ته پيپلزپارٽي عورتن کي خودمختيار بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اسان عورتن جي حقن لاءِ وڙهيا آهيون، پي پي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته عورتن کي موٽر سائيڪل هلائڻ جي سکيا کان پوءِ انهن لاءِ پنڪ ٽيڪسي جو منصوبو آڻي رهيا آهيون، سندس چوڻ هو ته ان جي پارٽي هميشه عورتن کي خودمختيار بنائڻ جي ڪوشش ڪئي، تعليم وٺندڙ ٻارڙين کي وظيفو ڏنو ويندو. فريال ٽالپر اهو به چيو ته مان بيت المال کاتي جي ڪوششن کي ساراهيان ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button