سنڌ

سنڌ يونائٽيڊ پارٽي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس ۾ شامل

سنڌ يونائٽيڊ پارٽي (ايس يو پي) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي) جو حصو ٿي وئي، پير پاڳارا ۽ سيد خاندان جو گڏجي سياست ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. اهڙو اعلان سومر ڏينھن فنڪشنل ليگ ھاؤس ۾ ايس يو پي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه، صدر سيد زين شاهه جي ڊي جي صوبائي سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي سان گڏ فنڪشنل ليگ ھاوس م اھم پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي جي ڊي اي ۽ ايس يو پي وچ ۾ مفاھمتي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون، جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم اھي نڪتا پڙھي ٻڌايا، جن موجب اسان سنڌ جي جاگرافيائي سرحدن جي تحفظ ۾ ثابت قدم رھندي سدائين ھوشيار رھنداسين، عالمي قانون تحت سنڌو دريا، انڊس ڊيلٽا ۽ آبي وسيلن ۾ سنڌ جي حصي جي تحفظ کي يقيني بڻائينداسين، اسان ٻين علائقائي زبانن، اردو جي تحفظ سان گڏ سنڌي زبان جي تحفظ واڌاري، ترقي ۽ ان کي قومي زبان طور تسليم ڪرڻ لا جدوجھد ڪنداسين، اسان سمورين قوميتن جي وسيلن تي انھن جي ملڪيت ۽ اختيار جي حقن لا جدوجھد ڪندا رھنداسين، 6 اسان ثقافتي ورثي، مذھبي رواداري ۽ اقليتن کي ھڪ جھڙا حق ڏيارينداسين، قانون جي حڪمراني ۽ گڊ گورننس کي مضبوط ڪرڻ لا جدوجھد ڪنداسين، سمورن وفاقي ادارن ۾ سنڌ کي ناجائز حصو ڏيارڻ وفاقي سطع تي سمورا ضروري فيصلي سازي جو لازمي حصو بڻجڻ کي يقيني بڻائينداسين، سمورن انساني حقن جي تحفظ لا گڏ بيٺل آھيون ۽ جدوجھد ڪنداسين، ماحولياتي تبديلي جي بين الاقوامي پروٽوڪول جي حمايت ۽ ان تي عملدرآمد وسيلي سنڌ جي زمينن، زندگين ۽ پاڻين کي آلودگي کان تحفظ فراھم ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا. جي ڊي اي جي صوبائي ڪو آرڊينيٽر سيد صدرالدين شاهه راشدي چيو ته سنڌ جي بھتر مفاد لا سنڌ دوست ڌرين کي متحد ٿيڻ گھرجي، زرداري ڪاروبار ڪندي سنڌ کي ڪمرشل ڪري ڇڏيو آھي، پئسا لانچن وسيلي ٻاھر موڪليا وڃن ٿا ۽ بچيل پئسا سياست تي خرچ ڪن ٿا، ھنن کي اھڙو سبق سيکارينداسين جو ھو ياد رکندا. هن چيو ته ٻوڏ جو وڏو اثر پيو آھي، ڇهھ مھينا گذرڻ باوجود ڪٿي به حڪومت نظر نه پئي اچي، ٻوڏ متاثرن جي پنھنجي مدد پاڻ تحت مدد جاري آھي، اسان گذريل چونڊن ۾ اينٽي پيپلز پارٽي، اينٽي پي ٽي آ وڙھياسين، پيپلز پارٽي پي ٽي آ جي مدد ڪندي رھي آھي، حڪومت ٺاھڻ لا حلقه بنديون ڪرڻ ھنن جي وس ۾ ناھن، سوچڻ وارن کي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو، ملڪ ۽ وفاق جي مضبوطي لا ورھائڻ واري سياست ختم ڪرڻي پوندي. صدرالدين شاهه چيو ته سنڌ جي بھتر مستقبل ۽ مسئلن جي حل لا سڀني ڌرين کي متحد ٿيڻ گھرجي. اجلاس کانپو پريس ڪانفرنس خطاب ڪندي جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته جي ڊي اي سنڌ جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيندي. ايس يو پي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو ته اسان جي ڊي اي جو حصو آھيون، سنڌ جي ترقي لاء ڪوششون جاري رھنديون. سيد زين شاهه پريس چيو ته سنڌ جي صورتحال کي نظر م رکندي جي ڊي اي م شامل ٿيا آھيون. ھن چيو ته سنڌ سان تمام گھڻيون زيادتيون ٿي رھيون آھن، سنڌ جي وحدت تي وار ڪيا پيا وڃن، پيپلز پارٽي 15 سالن کان حڪومت ۾ آھي، سنڌ جي وحدت تي وار جاري آھن، زرداري مافيا کان سنڌ کي وڏو نقصان ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button