سنڌ

سر-سي جي يونيورسٽي لاءِ عالمي يونيورسٽي کان مدد ورتي وڃي:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صحت کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته هو حيدرآباد ۾ سر ڪاواسجي جهانگير يونيورسٽي آف سائيڪيٽري اينڊ بيهويورل سائنس قائم ڪرڻ لاءِ ڪنهن به بين الاقوامي طور تي مشهور سائيڪاٽري يونيورسٽي کان مدد ورتي وڃي. سر CJ انسٽيٽيوٽ 150 سالن کان وڌيڪ پراڻو آهي ۽ هڪ مشهور ادارو رهيو آهي، جتي ٻين ملڪن مان مريض علاج لاءِ اچن ٿا ۽ ملڪ جي بهترين يونيورسٽي هجڻ جي لائق پڻ آهي. هن اها ڳالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، پارلياماني سيڪريٽري قاسم سومرو، چيئرمين سنڌ مينٽل اٿارٽي ڊاڪٽر ڪريم خواجا، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، سيڪريٽري صحت ذوالفقار شاهه، ڪمشنر ڪراچي سميت ٻين شرڪت ڪئي. صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو اداري کي يونيورسٽي طور اپ گريڊ ڪرڻ بابت آگاهي ڏني. هن چيو ته اسپتال ۽ اداري جي ٻين لاڳاپيل شعبن کي اپ گريڊ ڪيو ويندو ۽ بهترين فيڪلٽي ميمبرن کي شامل ڪيو ويندو. چيئرمين سنڌ مينٽل هيلٿ اٿارٽي ڊاڪٽر ڪريم خواجا چيو ته هي ادارو 27 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي قائم ڪيو ويو آهي، جيڪا يونيورسٽي لاءِ ڪافي جڳهه آهي. ان تي وڏي وزير چيو ته اداري جي پراڻي عمارت تاريخي ورثو آهي، تنهنڪري ان جي حفاظت ۽ مرمت ڪرائي وڃي. مراد علي شاهه پي اينڊ ڊي ۽ صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته يونيورسٽي لاءِ پي سي ون تيار ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪيو وڃي، ۽ ان دوران يونيورسٽي جو چارٽر به تيار ڪيو وڃي. وڏي وزير صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته هو نفسيات جي ڪنهن به بهترين عالمي يونيورسٽي سان رابطو ڪري ۽ سر سي جي يونيورسٽي کي ملڪ جي بهترين يونيورسٽين مان هڪ بڻائڻ لاءِ سندن سهڪار حاصل ڪري. وڏي وزير چيو ته هو ضروري ڪاغذ مڪمل ڪرڻ لاءِ جائزو اجلاس سڏرائيندو رهندو. واضح رهي ته وڏي وزير پنهنجي تازي دوري دوران سر سي جي انسٽيٽيوٽ کي يونيورسٽي طور اپ گريڊ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button