حيدرآباد: سافڪو جي باني ۽ سرواڻ سليمان جي ابڙو چيو آھي ته 2022 دنيا لاءِ بحرانن جو سال رهيو، طوفاني برساتن ۾ سنڌ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي ملڪ جي 40 لک ايڪڙ زرعي زمين جنهن ۾ 38 لک ايڪڙ سنڌ جي زمين شامل آهي پاڻي هيٺ اچي وئي. اھڙو اظھار ھن ڪالھھ سافڪو طرفان نئين سال 2023ع جي منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ھن چيو تھ ڪرونا، يوڪرين جنگ ۽ ماحولياتي تبديلين دنيا ۾ مهانگائي وڌائي ڇڏي آهي، جنهن جا پاڪستان تي به سنگين اثر پيا آهن، ان ڪري حڪومت سميت سمورين ڌرين کي هم خياليءَ سان معاشي ترقي ۽ خوشحاليءَ جون پاليسيون جوڙي انهن تي عمل ڪرڻو پوندو.
هن چيو ته آمريڪا ۽ يورپ ۾ آيل برفاني طوفان ۽ سخت گرمين ماحولياتي تبديلين جو نتيجو آهن ۽ انهن جا اثر اڃا به پاڪستان تي پوڻ جا سگھارا امڪان آهن، ان ڪري حڪومت سميت لاڳاپيل سمورين ڌرين کي مالي ۽ ماحولياتي حڪمت عمليون جوڙيون پونديون. تقريب کي سافڪو جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد سجاد علي شاهه، بشير احمد ابڙو، رميز اقبال ميمڻ، هريش ڪمار، اختر ملاح، ارسلا انجم، اقرا ۽ ٻين به خطاب ڪيو. آخر ۾ نئين سال جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو.