پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ اٽي جا اگهه وڌائڻ خلاف مزدورن جي ريلي

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ اٽي جا اگهه نه گهٽيا. مزدور پڙي تي مزدوري جي انتظار ۾ ويٺل سوين مزدور اٽي جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف روڊن تي نڪري آيا، جن پڙي کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي خوراڪ کاتي جي عملدارن، چڪي ۽ فلور ملز مافيا خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي سماجي اڳواڻ گل بجير، کيمچند ڀيل، گلزار مگڻهار ۽ ٻين چيو ته اٽي جي اگهن ۾ واڌ سبب پورهيت، مزدور ۽ غريب ماڻهو سخت پريشان آهن، پر ضلعي انتظاميا خاموش ۽ خوراڪ کاتو تماشائي بڻيل آهي. جڏهن ته چڪي مافيا به عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ سرڪار اٽو 65 رپيا ڪلو هجڻ جو رڳو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، پر چڪي مالڪ اگهه تي عمل ڪرڻ لا تيار ناهن. هنن اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اٽي جا اگهه گهٽائي غريب ماڻهن کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button