پاڪستان

وزارت عظميٰ هجي يا وڏ وزارت،نواز ليگ وٽ شريفن کانسوا ڪو اميدوار ناهي:پ پ پنجاب

پيپلز پارٽي پنجاب جي سينيئر اڳواڻ حسن مرتضيٰ پنهنجي اتحادي جماعت نواز ليگ تي تنقيد جا تير وسائيندي فقط گهر جي پارٽي جي قرار ڏنو آهي. پنهنجي بيان ۾ حسن مرتضيٰ چيو ته نواز ليگ وٽ وڏي وزير يا وزارت عظميٰ جي عهدي لا به شريفن کانسواءِ ڪو به اميدوار ناهي، شريف جڏهن اقتدار تان لهندا آهن ته ملڪ کان ٻاهر هليا ويندا آهن، عمران خان هجي يا شريف ڀائر، سندن اولاد پرڏيهه ۾ ئي رهي ٿو. پ پ جي اڳواڻ دعويٰ ڪئي ته حمزا شهباز کي وڏو وزير بڻائڻ جي ڪري لاهور ۾ نواز ليگ جي مقبوليت گهٽجي وئي آهي، اهو ئي سبب آهي ته حمزا کان وڏ وزارت کسجڻ تي ڪنهن احتجاج به نه ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button