پاڪستانسنڌ

عمران دهشتگردن جو سهولتڪار، قاتلن سان ڳالهيون نه ٿينديون: پ پ پ

ڪراچي: پاڪستان پيپلزپارٽي دهشتگردي ۽ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ فيصلائتي قدمن کي لازمي قرار ڏيندي ڳالهين جي مخالفت ڪري ڇڏي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽي جو انتهاپسندي ۽ دهشتگردي تي واضح موقف آهي ۽ اسان سمجهون ٿا ته دهشتگرد ۽ انتهاپسند پاڪستان، مذهب ۽ انسانيت جا دشمن آهن، ان ڪري اسان چوندا رهيا آهيون ته انهن سان اهو ئي سلوڪ ڪيو وڃي، جيڪو ٻين ڏوهارين سان ٿئي ٿو. هن چيو ته عمران خان دهشتگردن جو سهولتڪار آهي، قاتلن سان ڳالهيون نه ٿينديون. پرڏيهي وزير چيو ته پيپلز پارٽي هميشه وقت تي چونڊن جي حق ۾ رهي آهي ۽ جيڪڏهن جلد چونڊن جي مخالفت ڪئي ته ان جي دير جي به مخالفت ڪنداسين. ڪالهه ڪراچي ۾ شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جي 95 هين سالگرهه جي موقعي تي پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جي ذهن ۾ اها ڳالهه آهي ته هو عام چونڊن ۾ دير ڪندا ۽ پيپلزپارٽي مخالفت نه ڪندي ته اها سندن غلط فهمي آهي. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته عام چونڊن ۾ ڪافي وقت آهي پر اسان اڄ کان اهو واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته اسان جو تاريخي موقف رهيو آهي ته اسان ڪٿي به هجون پر چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽي هميشه وقت تي چونڊون ڪرائڻ جي حق ۾ رهي آهي، ان جو مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن جلد چونڊن جي مخالفت ڪنداسين ته ان جي دير جي به مخالفت ڪنداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو 1973ع جو آئين امانت آهي جنهن جي بحاليءَ لاءِ محترمه بينظير ڀٽو 30 سالن تائين جدوجهد ڪئي.

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آصف زرداري اين ايف سي ايوارڊ، 1973ع جي آئين کي اصل شڪل ۾ بحال ڪرڻ لاءِ 2007ع کان وٺي ارڙهين آئيني ترميم جي صورت ۾ ڪردار ادا ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 2023ع هن آئين جو گولڊن جوبلي سال آهي، ان ڪري سڄي ملڪ ۾ ان حوالي سان تقريبون منعقد ڪري جمهوري سفر کي اڳتي وڌائينداسين ته جيئن نوجوانن کي جمهوريت ۽ ان لاءِ جدوجهد کان آگاهه ڪري سگهجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جي جدوجهد جو مقصد هو ته سمورا ادارا پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪن ۽ اسان ان ڳالهه کي به ڀليڪار ڪيون ٿا ته اسٽيبلشمينٽ اعلان ڪيو ته هو غير سياسي آهن. هن چيو ته اسان ان ڳالهه کي به ڀليڪار ڪيون ٿا ته اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوا اداري جي نمائندگي ڪندي غلطين جو اعتراف ڪيو ۽ چيو ته اسٽيبلشمينٽ سياست ۾ مداخلت نه ڪندي ۽ آئيني دائري ۾ رهي ڪم ڪندي. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته جڏهن کان هي واعدو ڪيو ويو آهي ان تي عمل ڪرائڻ به سياسي پارٽين جي ذميواري آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ هن وقت نفرت جي سياست کي فروغ ڏنو پيو وڃي، جيڪو اسان جي سماج ۽ سياست لاءِ خطرو آهي ۽ ان کان وڌيڪ جمهوريت لاءِ خطرو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پيپلز پارٽي جي تاريخ جمهوري رهي آهي جنهن هميشه جمهوريت کي پروان چڙهايو آهي، ائين نه ٿو ٿي سگهي ته ملڪ ۾ نفرت کي اهڙي سطح تي پروان چڑڙھايو وڃي جو هر طرف ورهاڱو نظر اچي ۽ پيپلز پارٽي خاموش ٿي ويهي رهي. هن چيو ته پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي فيصلو ڪيو آهي ته اسان سڀني سياسي ۽ جمهوري قوتن، سمورن ادارن ۽ سياست لاءِ گڏجي ڪم ڪريون ۽ هڪ ضابطه اخلاق متعارف ڪرايون، جنهن تحت سموريون سياسي پارٽيون پنهنجي سياست ۽ چونڊن ۾ حصو وٺنديون. پرڏيهي وزير چيو ته نئون ضابطا اخلاق تيار ڪرڻ لاءِ پيپلزپارٽي هڪ ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا سمورين سياسي پارٽين سان رابطو ڪندي چاهي اهي پارليامينٽ ۾ هجن يا پارليامينٽ کان ٻاهر هجن.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي جو انتهاپسندي ۽ دهشتگردي تي واضح موقف آهي ۽ اسان سمجهون ٿا ته دهشتگرد ۽ انتها پسند پاڪستان، مذهب ۽ انسانيت جا دشمن آهن، ان ڪري اسان چوندا رهيا آهيون ته انهن سان اهو ئي سلوڪ ڪيو وڃي، جيڪو ٻين ڏوهارين سان ٿئي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي قومي سلامتي بابت ڪيل فيصلن جي حمايت ڪئي آهي ۽ اسان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي به گذارش ڪريون ٿا ته جلد کان جلد پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس گهرايو وڃي. هن چيو ته مان اڄ سمورن ادارن کان سوال ڪري رهيو آهيان ته جمهوريت جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان انصاف ڇو نه ڪيو ويو، جنهن ووٽ جو حق ڏنو، مان پنهنجي پارٽي جي ڪارڪنن کي ڇا جواب ڏيان. پرڏيهي وزير سپريم ڪورٽ، قانون واري وزير ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪيس جيڪو گذريل 12 سالن کان التوا جو شڪار آهي، ان جي فوري ٻڌڻي ڪئي وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن توهان قائد عوام کي انصاف نٿا ڏئي سگهو ته عدالتن کي تالا هڻي عوام کي چئو ته قائد عوام کي انصاف نٿا ڏئي سگهون اسان وٽ نه اچو. تحريڪ طالبان پاڪستان پاران ڏنل ڌمڪي جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته دهشتگرد موت کان ڊڄن ٿا، مان نه ڊڄان ٿو، اسان اڳ به انتهاپسندي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي چڪا آهيون. هن چيو ته دهشتگردن جون ڌمڪيون پنهنجي جاءِ تي پر اسان پنهنجي نظريي ۽ موقف تي قائم آهيون ۽ پارليامينٽ اڄ به ملڪ جو طاقتور ادارو آهي ۽ ان جو صحيح استعمال ڪيو وڃي ته ملڪ جو هر مسئلو حل ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ پارليامينٽ جي مدد سان دهشتگردن کي به شڪست ڏني وئي. هن چيو ته افسوس سان پارليامينٽ جي پٺيان دهشتگردن جو سهولتڪار عمران خان آهي، جنهن انهن کي بچائڻ لاءِ اهڙا قدم کنيا جيڪي قومي سلامتي جي خلاف هئا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان پهريان آرمي پبلڪ اسڪول جي ٻارن کي شهيد ڪندڙ دهشتگردن کي آزاد ڪري ملڪ کان ٻاهر موڪليو ۽ پوءِ افغانستان ۾ موجود پاڪستان سان تعلق رکندڙ دهشتگردن کي واپس هتي آڻڻ جي دعوت ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button