اسلام آبادپاڪستان

ارشد شريف ڪيس ۾ گڏيل قومن کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڳالهايو:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ ارشد شريف قتل ڪيس جي شنوائي دوران رمارڪس ڏنا آهن ته گڏيل قومن کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ پرڏيهي وزارت سان رابطو ڪيو. ارشد شريف جو موت نه رڳو انساني حقن جو معاملو آهي پر بيرحماڻو قتل هو. مُلڪ ڇڏڻ وارن سببن جي جاچ ڪئي وڃي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجر بئنچ صحافي ارشد شريف قتل مامري تي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي شنوائي ڪئي، ان سلسلي ۾ ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان عدالت ۾ پيش ٿيو. شنوائي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ايڊيشنل اٽارني جنرل صاحب، ارشد شريف قتل جي جاچ ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي؟ ان ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. اسپيشل جي آءِ ٽي 41 ڄڻن جا بيان رڪارد ڪيا آهن، جاچ ڪينيا، يو اي ايِ ۽ پاڪستان سميت ٽن حصن تي ٻڌل آهي. جي آءِ ٽي هاڻ وڌيڪ انڪوائري لاءِ ڪينيا ويندي. ان تي جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته جاچ جا ٽي مرحلا آهن، هڪ پاڪستان، ٻيو دبئي ۽ ٽيون ڪينيا آهي، ڇا پهرين مرحلي جي جاچ مڪمل ٿي وئي آهي؟ عامر رحمان ٻڌايو ته فيز ون جي گهڻي قدر جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته جاچ مڪمل ٿيڻ جو ڪو ٽائم فريم مقرر ڪيو ويو آهي؟ جنهن ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته جاچ مڪمل ٿيڻ جي ٽائم لائين ڏيڻ ڏکيو آهي، دبئي ۾جاچ کانپوءِ اسيشل جي آءِ ٽي ٽيم پندرنهن جنوريءَ تي ڪينيا ويندي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا جاچ ۾ گڏيل قومن کي شامل ڪرڻ جو امڪان آهي؟ ان تي ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ڏنو ته ضرورت پئي ته اِهو آپشن به موجود آهي. جسٽس مظاهر نقوي چيو ته جاچ ۾ ڪنهن قسم جي رنڊڪ نه پيا وجهون، عدالت جي آءِ ٽي کي جي جاچ لاءِ آزادي ڏئي رهي آهي. ارشد شريف قتل جي صاف شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي ڇو جو عدالت ان معاملي ۾ تمام گهڻي سنجيدا آهي. چيف جسٽس چيو ته حڪومت گڏيل قانوني مدد جو خط لکڻ ۾ دير ڪئي آهي، ارشد شريف جو موت نه رڳو انساني حقن جو معاملو آهي پر بيرحماڻو قتل هو. سندس مُلڪ ڇڏڻ جي سببن تي جاچ ڪئي وڃي. ارشد شريف جون ڪجهه ڊيجيٽل ڊيوائسز آهن جيڪي اڃا تائين ناهن مليا، ڇا جي ٽي آءِ کي معلوم ٿيو آهي ته اُهي ڪٿي آهن. ارشد شريف قتل جي آءِ ٽي لاءِ ٽيسٽ ڪيس آهي. جسٽس اعجاز چيو ته گڏيل قومن کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ پرڏيهي وزارت سان رابطو ڪيو. جنهن بعد عدالت ڪيس جي وڌيڪ شنوائي فيبروري جي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button