پاڪستانپنجاب

دهشتگردي ۾ ملوث ڪنهن به فرد يا تنظيم سان ڳالهيون نه ٿينديون:گهرو وزير

لاهور : وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان وزيرآباد حملي جي ڪهاڻي وچڙائڻ چاهي ٿو، کيس فائر نه لڳو، ڊرامو ڪري رهيو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته جوابدار نويد جي اڳيان پويان ڪير ناهي، اهي جيتري به جاچ ڪن پر ٻيو يا ٽيون جوابدار ڪيس ۾ نٿا وجهي سگهن. هن چيو ته عمران خان سڄو توشا خانا کپائي ڇڏيو، سندس پاليسين سان ملڪ معاشي بحران جو شڪار ٿيو، هن مخالفن خلاف ڪوڙا ڪيس ٺهرايا، عمران خان جي مهم ملڪ دشمني تي ٻڌل آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن فتني کي موقعو مليو ته قوم سان ڪو حادثو ڪندو، تنهن ڪري عوام ووٽ سان فتني کي جواب ڏئي. راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته دهشتگردي ۾ ملوث ڪنهن به فرد يا تنظيم سان ڳالهيون نه ٿينديون، افغان حڪومت کي چيو ويندو ته پنهنجي سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿيڻ جو واعدو پورو ڪن ۽ نيشنل سيڪيورٽي ميٽنگ ۾ به اهو ئي فيصلو ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button