پاڪستانسنڌ

ديا ڀيل قتل ڪيس ۾ ڀوپو ۽ مقتولا جو ڀا گرفتار، ڪهاڙي ۽ ڏانٽو هٿ

سنجهورو: سنجهوري ۾ بيواهه ديا ڀيل جو قاتل ڀوپو نڪتو، پوليس جوابدار ڀوپي ۽ ديا جي ڀا ڏهراج کي گرفتار ڪري قتل ۾ استعمال ٿيل ڪهاڙي، ڏانٽو، استرو ۽ وار هٿ ڪري ورتا. ان سلسلي ۾ سنجهوري جي ديهه 28 ڳوٺ ڊپٽي ۾ 10 ڏينهن اڳ بيدردي سان 45 ورهين جي بيواهه ديا ڀيل کي قتل ڪيو ويو هو، سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪري کل لاٿي وئي هئي. واقعي بعد سنجهورو پوليس، ايس ايس پي سانگهڙ ۽ جي آئي ٽي ٽيم 9 ڏينهن تائين جاچ ڪئي ۽ نيٺ ديا ڀيل جي قاتل ڀوپو روپو ڀيل ۽ ديا جي ڀا ڏهراج کي گرفتار ڪيو. پوليس ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ڀوپي روپو ڀيل ۽ ديا جي ڀا ڏهراج ڀيل پوليس اڳيان ڏوهھ جو اعتراف ڪري ورتو آھي ۽ پوليس کي قتل ڪرڻ واري جڳهھ جي به نشاندهي ڪئي، جنهن بعد پوليس واردات واري جا تان قتل ۾ استعمال ٿيل ڪهاڙي، ڏانٽو، استرو ۽ مٿي جا وار ھٿ ڪري ورتا آھن. قتل جو سبب اڃا ظاهر نه ٿيو آھي، پر ذريعا موجب عشق جو چڪر ٻڌايو پيو وڃي. قتل ۾ ڀوپي روپو ڀيل ۽ ديا ڀيل جي ڀا ڏهراج ڀيل سميت ٻيا جوابدار به شامل آهن، جن کي روپو ڀيل جي نشاندهي تي پوليس گرفتار ڪري ورتو آھي، پر سندن گرفتاري کي راز ۾ رکيو ويو آهي. ايس ايس پي سانگهڙ کي گذريل ڏينهن 6 جنوري تي منجهند جو پريس ڪانفرس ڪرڻي هئي، پر اوچتو پريس ڪانفرنس ملتوي ڪئي وئي. ٻڌايو پيو وڃي ته ڊي آئي جي شھيد بينظيرآباد يونس چانڊيو اڄ پاڻ پريس ڪانفرنس ڪري قاتلن جي گرفتاري ظاهر ڪندو. پوليس ذريعن موجب ديا ڀيل جي خاندان ۽ ويڙھي جي 41 مردن ۽ ڇوڪرن جا ڊي اين اي سيمپلز ورتا ويا هئا. جڏهن ته جيو فينسنگ جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ شڪي نمبرن جي ڇنڊڇاڻ ڪري ڪجھه گرفتاريون ڪيون هيون، جنهن ۾ نئون آباد کان رتني ڀيل جي گرفتاري به شامل آھي. ذريعن موجب ڪيس حل ڪرڻ جي حوالي سان تمام وڏي اڳڀرائي ٿي آھي. جنهن کي وڏي خوشخبري ٻڌايو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button