ڪوئيٽا جي سرڪاري اسپتال ۾ نرسن کي مبينا طور جسم فروشي لا بليڪ ميل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، سرڪاري اسپتال جي هڪ نرس سيڪريٽري هيلٿ کي خط لکي ڇڏيو. اسپتال جي نرس الزام هنيو آهي ته کيس ۽ ٻين نرسن کي جسم فروشي لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي. صحت کاتي جي سيڪريٽري ۽ ٻين اختيارين کي لکيل خط ۾ اسپتال جي انتظامي عملي طرفان نرسن کي بليڪ ميل ڪرڻ جي شڪايت ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته خط ۾ ڪنهن نرس جو نالو داخل ناهي، پو به الزامن جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميٽي جوڙي وئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close