پاڪستانسنڌ

سانگهڙ لڳ ڪار بيٺل ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، ڊرائيور ۽ ٻارڙو فوت

سانگھڙ: سانگهڙ ويجهو ٽرڪ ۽ ڪار جي ٽڪر ۾ ڊرائيور ۽ معصوم ٻارڙو فوت ٿي ويا. حادثي ۾ 3 ماڻهو زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب سانگهڙ ويجهو چوٽياريون روڊ تي اقبال واٽر لڳ روڊ تي بيٺل پٿرن سان ڀريل ٽرڪ سان سانگهڙ کان لٽڪو موري ايندڙ ڪار ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب ڊرائيور سميت 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال سانگهڙ منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين جي سڃاڻپ ڳوٺ اسماعيل وساڻ جي رهواسي 55 ورهين جي خميسو وساڻ ۽ ڳوٺ علي خان جوڻيجو جي رهواسي 25 سالن جي حسين ولد ڀائيخان، 9 سالن جي ٻار خميسو ولد علي حيدر جوڻيجو طور ٿي، زخمين ۾ 2 عورتون به شامل آھن، جن جو تعلق ڳوٺ علي خان جوڻيجو سان ٻڌايو ويو. هوڏانهن سانگهڙ سول اسپتال ۾ علاج جون سهولتون نه هئڻ سبب زخمين کي نوابشاهه ريفر ڪيو ويو، جتي زخمين مان ڳوٺ محمد اسماعيل وساڻ جو رهواسي 55 سالن جو ڊرائيور خميسو ولد راڄو وساڻ ۽ ڳوٺ علي خان جوڻيجو سان تعلق رکندڙ 9 سالن جو ٻارڙو خميسو ولد علي حيدر جوڻيجو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا، ٻنهي جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جيڪي گهر آندا ويا ته ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button