پاڪستانسنڌ

ٿر فلڊ جيپ ريلي پڄاڻي تي پهتي، صاحبزاده سلطان چئمپين بڻجي ويو

مٺي: مٺي ۾ 3 ڏينهن واري ٿر فلڊ رليف جيپ ريلي پڄاڻي تي پهتي. جيپ ريلي مقابلي ۾ صاحبزاده سلطان اي ڪيٽيگري ۾ پهريون نمبر کڻي مقابلي جو چئمپين بڻجي ويو. شيراز قريشي، شھريار خان، بلال چوڌري، ڇوڪري ماحم شيراز، عقيل احمد ۽ ٻين ڌار ڌار ڪيٽيگريز ۾ پوزيشن حاصل ڪئي. سنڌ سرڪار جي راندين واري کاتي ۽ سنڌ موٽر ايسوسيئيشن جي گڏيل تعاون سان ٿر جي ثقافت کي هٿي وٺرائڻ ۽ ٻوڏ متاثرن جي سهائتا لا مٺي ۾ ٽن ڏينهن کان هلندڙ ٿر فلڊ رليف جيپ ريلي جا مقابلا پڄاڻي تي پهتا. جيپ ريلي مقابلن جي فائنل ۾ اي ڪيٽگري جي مقابلي ۾ صاحبزاده سلطان 107 ڪلوميٽرن جو مفاصلو هڪ ڪلاڪ 15 منٽ، 21 سيڪنڊن ۾ مڪمل ڪري پهرين نمبر تي آيو. مختلف ڪيٽگريز جي مقابلن ۾ شيراز قريشي ساڳي مفاصلو هڪ ڪلاڪ، 16 منٽ، 55 سيڪنڊن ۾ مڪمل ڪري ٻيو نمبر حاصل ڪيو.شهريار خان هڪ ڪلاڪ ، 17 منٽ، 24 سرڪنڊن تي منزل تي پهچي ٽيو نمبر حاصل ڪيو. جڏهن ته وومين ڪيٽيگري ۾ عورت ڊرائيور ماحم شيراز هڪ ڪلاڪ، 24 منٽ، 28 سيڪنڊن ۾ مفاصلو مڪمل ڪري پهريون نمبر حاصل ڪيو. اسٽاڪ ڪيٽگري ۾ چوڌري بلال هڪ ڪلاڪ 15 منٽ، 21 سيڪن، عقيل احمد ٻئين ۽ نواز دشتي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. ملهھ ملاکڙي ۾ لالا رحيم پٺاڻ پهرئين جوڙ، ٻئي جوڙ ۾ ڀوڄو ڀيل ۽ ٽئين جوڙ ۾ نصرالله شيدي پهريان نمبر کڻي انعام پنهنجي نالي ڪيا. ٻئي پاسي انعام ڏيڻ واري تقريب شھيد بينظير ڀٽو ڪلچرل ڪامپليڪس ۾ ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ راندين واري صوبائي صلاحڪار ارباب لطف الله، صوبائي وزير مڪيش چاولا، مملڪتي وزير ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي ۽ موٽر ايسوسيئيشن جي اهم اڳواڻن پوزيشن کڻندڙن کي انعامن ۽ ايوارڊن سان نوازيو. تقريب ۾ ڊي سي حفيظ سيال ۽ ايس ايس پي عابد علي بلوچ سميت شھرين، واپارين، سياسي سماجي اڳواڻن توڙي مقابلن ۾ حصو وٺندڙ رانديگرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار ارباب لطف الله ڳالهيندي چيو ته ٿر جيپ ريلي جي ڪاميابي تي رانديگرن، سنڌ موٽر ايسوسيئيشن، ٿر جي عوام جو شڪر گذار آھيان، جن جي گڏيل ڪوششن سان ٿر جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۽ ٻوڏ متاثرن جي سهائتا لا ڪوٺايل ٽن ڏينهن واري فلڊ جيپ ريلي ڪامياب ٿي، ٿر فلڊ جيپ ريلي ڪامياب سرگرمي طور دنيا آڏو سامهون آئي آھي. پ پ هميشه فطرت سان محبت ۽ ترقي ۽ خوشحالي طرف وک کي سپورٽ ڪئي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button