پاڪستانسنڌ

ورڪشاپ لڳ ملڪيت لا ننڍي ڀا کي مارڻ جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار گرفتار

ورڪشاپ: ورڪشاپ لڳ وڏو ڀا ملڪيت ڦٻائڻ لا ننڍي ڀا کي مبينا طور قتل ڪرڻ لا زوري کڻي وڃي رهيو هو ته ڳوٺاڻن کيس سوگهو ڪري ورتو ۽ پوليس حوالي ڪيو. ان سلسلي ۾ ورڪشاپ ويجهو قيوم آباد اسٽاپ ڳوٺ خدابخش منگواڻو جو رھواسي محرم عرف ڊي سي منگواڻو پنهنجي ننڍي ڀا 9 ورهين جي ظهير منگواڻو کي ملڪيت ڦٻائڻ خاطر قتل ڪرڻ لا کڻي وڃي رهيو هو ته ٻار جي رڙين تي ڳوٺاڻن نينگر کي ڇڏائي جوابدار کي سوگهو ڪري ورتو، اطلاع تي پوليس پهتي ته ڳوٺاڻن جوابدار کي ورڪشاپ پوليس حوالي ڪيو. پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ رابط ڪرڻ تي ورڪشاپ ٿاڻي جي انچارچ شمس الدين شر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدار خلاف سندن ما جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو، جوابدار کي سزا ڏياري ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button