پاڪستانسنڌ

سنجهورو ۾ وريام فقير پاران لڳايل ڪئمپ ختم، 650 ماڻهن جي اکين جا آپريشن ڪيا ويا

سنجھورو: سنجهورو ۾ ايم پي اي خليفي وريام فقير خاصخيلي ورياماڻي پاران ورياماڻي ھائوس تي لڳايل ٽن ڏينهن واري مفت اکين جي علاج ۽ آپريشن واري ڪئمپ پڄاڻي تي پهتي. 650 ڊجيٽل اوزارن ذريعي ليزر آپريشن ڪيا ويا. 3267 مريضن کي اکين جي بيمارين جون مفت دوائون ۽ ڪمبل ڏنا ويا. ڪئمپ ۾ ڊاڪٽر بيربل گيناڻي ماڻهن جا آپريشن ڪيا. ڪئمپ جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته خليفي وريام فقير ورياماڻي ڪئمپ لڳائي ماڻھن کي نور ڏياري جيڪو خدمت وارو ڪم ڪري رهيو آهي. اهو واکاڻ جوڳو آهي.عظيم آھن. ڪئمپ آرگنائيزر خليفي وريام فقير ورياماڻي چيو ته ڊاڪٽرن جي ٽيم سميت سڀني جا ٿورا، جن سهڪار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button