پاڪستانسنڌ

فريدآباد ۾ فيس ۾ واڌ خلاف شاگردن جو مظاهرو

فريدآباد: فريدآباد ۾ امتحاني فيس ۾ واڌ خلاف شاگردن مظاهرو ڪيو. ڪيترن ئي شاگردن نيشنل پريس ڪلب اڳيان سراج علي شاھه،عبدالصمد بروھي، راشد علي بروھي، توفيق احمد خاصخيلي، احسان ڇٽو، سجاد ڏيرو، جميل بروھي ۽ لال بخش ٻگھيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ھنن چيو ته سرڪار اعلان ڪيو ھو ته تعليم مفت ڪئي ويندي، ڪا به فيس نه ورتي ويندي، پر سنڌ سرڪار پنهنجي ڪيل فيصلن تي عمل نٿي ڪري. هنن تعليم کاتي جي صوبائي وزير کان گهر ڪئي ته شاگردن کان فيس وٺڻ وارو فيصلو واپس ڪيو وڃي. مھا ٻوڏ ۾ ماڻهو پيٽ پالڻ لا پريشان آهن، اهي فيسون ڪٿان ادا ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button