پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ اٽي جي اسٽال تي بدنظمي، پيرسن ماڻهو هٿين خالي واپس

ڊگھڙي: ڊگهڙي بائي پاس تي تعلقي انتظاميا پاران سستي اگھه تي اٽو وڪرو ڪرڻ لا لڳايل اسٽال تي بدنظمي ٿي پئي، ڪيتريون ئي عورتون ۽ پيرسن هٿين خالي واپس هلي ويا. ان موقعي تي اٽو خريد ڪرڻ لا آيل ماڻھن ميڊيا کي ٻڌايو ته لڳ ڀڳ هڪ هفتي کان روز چڪر ڪاٽي رهيا آهيون، صبح کان شام تائين انتظار ڪري واپس گهر موٽي وڃڻو پوي ٿو، هتي طرف انتظاميا پنهنجي سفارشي ماڻھن کي اٽو ڏئي رهي آهي، ان ڪري اسان جا ٻار بکون ڪاٽي رهيا آهن، اسان ٻن ويلن جي ماني لا پريشان آهيون. شھر ۾ چڪين ۽ دڪانن تي اٽو 150 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، اسان پورهيت ۽ مزدور مهانگو اٽو خريد نٿا ڪري سگهون، جيڪڏهن اٽي جو اهو ئي اگھه رهيو ته مسڪين ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿيندا، اسٽال تي بدنظمي هئڻ ڪري عورتون ۽ معصوم ٻارڙا رش ۾ پڙهجي وڃن ٿا. شھرين ۽ سڄاڻ ڌرين مطالبو ڪيو ته چڪي مالڪن ۽ دڪاندارن کي سستي اگھه تي اٽو وڪرو ڪرڻ جو پابند بڻائي سڄي شهر ۾ اٽي جا اسٽال لڳايا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button