پاڪستانسنڌ

ڦلجي اسٽيشن ۾ جنازو برساتي پاڻي مان گذاريو ويو

ڦلجي اسٽيشن: ڦلجي اسٽيشن شھر جي صادق آباد پاڙي جو رهواسي حاجي علي اڪبر ملڪ فوت ٿي ويو، جنهن جو مڙهه برسات جي بيٺل گندي پاڻي مان گذاري قبرستان آندو ويو ۽ مٽي ما حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي فوتي جي وارثن قربان علي ملڪ، علي نواز ملڪ، امداد ملڪ، اشفاق احمد ملڪ ۽ ٻين ٻڌايو ته انظاميا جي نااھلي سبب اسان ڀوڳي رهيا آھيون، برساتن کي ڪيترائي مھينا گذرڻ باوجود اسان جي پاڙي مان برساتي پاڻي نه ٿو ڪڍرايو وڃي، اڄ اسان پنهنجي پياري جو لاش برسات جي بيٺل گندي پاڻي مان گذاري قبرستان کڻائي ويا آھيون، ڪيترائي ڀيرا چونڊيل نمائندن توڙي ڊي سي دادو جي آفيس جا چڪر ڪاٽيا آھن، پر ڪير به ٻڌڻ لا تيار ناهي. هنن وسوارن کان مطالبو ڪيو ته پاڙي سميت شھر جي مختلف پاڙن ۾ بيٺل برساتي پاڻي ڪڍرائي ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button