پاڪستانسنڌ

ڪڪڙ ۾ امدادي لسٽ مان نالا خارج ڪرڻ خلاف ٻوڏ متاثرن جو مظاهرو

ڪڪڙ: ڪڪڙ ويجهو ڳوٺ رتو سولنگي واسي ٻوڏ متاثرن سردار سولنگي، روبينه سولنگي، وزيران سولنگي، حديت خاتون، پٺاڻي، حوا سولنگي، قائم الدين سونگي، علي نواز سولنگي ۽ ٻين ٽي سي ايف انچارج جي ناجائزين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته اسڪول جي ماسترياڻي مومل سولنگي جي مُڙس سڪندر سولنگي امداد ۾ اڌ ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي اسان ٻوڏ متاثرن جا نالا لسٽ مان خارج ڪري ڇڏيا آهن. جيڪا اسان سان سراسر ناانصافي ۽ زيادتي آھي، هنن مطالبو ڪيو ته سڪندر سولنگي جي ناجائزين ۽ ٻوڏ متاثرن کان ٽوڪن جي آڙ ۾ اڌ رقم وصول ڪرڻ واري عمل جي صاف ۽ شفاف انڪوائري ڪرائي اسان کي ٽوڪن ڏياري ڦهليل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button