مورو: ٽارچر سيل ۽ ڪيسن باوجود سائين جي ايم سيد جا سپاهي ميدان عمل ۾ آهن، شهيد بشير خان قريشي اسان جو مچ هو، جنهن جي تاريخ گواهه آهي، اڄ به قومي ڪارڪنن قربانيون ڏئي رهيا آهن. اهڙو اظهار ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي مورو ڀرسان ڳوٺ مناهي ۾ قومپرست ڪارڪنن آصف راهوجو جي سالگرهه تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته شهيد بشير خان قريشي ضدي هو ۽ تاريخ ۾ ضدي ڪامياب ٿيا آهن، سائين جي ايم سيد جي سالگرهه تي ڪجهه پاڻ کي وڻائڻ لا غير اخلاقي پوسٽون ڪندا آهن، پر اسان انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سيد جا شاگرد اڃا زندا آهن، ٿورو هوش کان ڪم وٺو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close