پاڪستانسنڌ

ايم ڪيو ايم جي درخواست رد، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون 15 جنوري تي ئي ٿينديون

اليڪشن ڪميشن متحده قومي موومينٽ پاڪستان طرفان ڪراچيءَ ۾ مڪاني چونڊون منعقد ڪرڻ خلاف داخل درخواست رد ڪندي ٻئي مرحلي ۾ مڪاني چونڊون 15 جنوريءَ تي ڪرائڻ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ سميت ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ چونڊ عملي کي هر ممڪن مدد فراهم ڪن. اليڪشن ڪميشن طرفان سومر ڏينهن 3 رڪني بينچ جو محفوظ ٿيل فيصلو ٻُڌايو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ مڪاني حڪومتن جو مُدو 30 آگسٽ 2020ع تي مڪمل ٿي چڪو آهي. جڏهن ته 120 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي آئيني ۽ قانوني ذميواري آهي. ان کان اڳ 2 ڀيرا ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ٿي چڪيون آهن. موجوده درخواست تي سمورين ڌُرين کي تفصيل سان ٻُڌو ويو، جيڪي 6 جنوريءَ تي اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيا ۽ پنهنجي پنهنجي مؤقف کان بينچ کي آگاهه ڪيو. سنڌ حڪومت طرفان ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پيش ٿيو. فيصلي ۾ لِکيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي بنيادي ذميواري نڀائيندي چونڊ فهرستن تي نظرثانيءَ جو ڪم مڪمل ڪيو. سپريم ڪورٽ طرفان به دائر پٽيشن تي چونڊون شيڊول مطابق ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي. آئين جي آرٽيڪل 219 ڊي تحت مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو معاملو اليڪشن ڪميشن جي دائره اختيار ۾ آهي، جڏهن ته آرٽيڪل 220 تحت وفاقي ۽ صوبائي حڪومت سميت سمورن اعليٰ اختيارين جي اها ذميواري آهي ته اهي ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن جي معاونت ڪن، جيڪڏهن ان سلسلي ۾ وفاقي يا صوبائي حڪومتون ڪي رڪاوٽون وِجهن ٿيون ته اها آئين جي خلاف ورزي آهي. اليڪشن ڪميشن پنهنجي آئيني ذميدارين کي نظر ۾ رکندي مڪاني چونڊون ڪرائي رهي آهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ پنهنجي هڪ فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن کي وقت سر چونڊون ڪرائڻ کي يقيني بنائڻ، قانوني ۽ آئيني طور تي لازمي قرار ڏنو آهي، هاڻي اها صوبائي حڪومتن جي آئيني ذميواري آهي ته اهي مڪاني حڪومتي نظام جي قيام کي يقين بنائين، جيڪا آئين جي آرٽيڪل 140 اي ون تحت لازمي آهي. انهن سمورن شين کي نظر ۾ رکندي اليڪشن ڪميشن ايم ڪيو ايم پاڪستان جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته جماعت اسلامي جي درخواست منظور ڪندي شيڊول مطابق ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن ۾ 15 جنوريءَ تي پولنگ ڪرائڻ جو فيصلو ڏنو آهي، جڏهن ته سنڌ جي چيف سيڪريٽري، آءِ جي ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته اهي صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ چونڊ عملي سان مڪمل سهڪار ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button