پاڪستانسنڌ

سرهاڙي ۾ اسڪول نه هجڻ خلاف ڳوٺاڻن ۽ شاگردن جو مظاهرو

سرهاڙي: سرھاڙي لڳ گذريل ڪيترن ئي سالن کان اسڪول جي سهولت نه هجڻ خلاف ڳوٺاڻن ۽ شاگردن مظاهرو ڪيو. يوسي ڪرم جمالي جي ڳوٺ پيروز خان جمالي ۾ اسڪول جي سهولت نه هجڻ خلاف ڳوٺاڻن خميسو خان جمالي، امان الله جمالي، صيفل خان جمالي ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ گڏ ٿي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي ته شاگردن ۽ ڳوٺاڻن صحافين سان ڳالھائندي چيو ته گذريل ڪيترن سالن کان ڳوٺ ۾ اسڪول ناهي، جنهن ڪري اسان جي ٻارن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي، اسان پنهنجي تڪ جي پ پ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو ۽ ٻين نمائندن وٽ ڪافي ڀيرا ويا آهيون، جيڪي اسان کي سڃاڻڻ لا تيار ناهن، اسان وٽ ووٽن لا اچن ٿا، پر ڪم نٿا ڪن، اسان پ پ جا ووٽر آهيون، پر اسان کي تعليم کان محروم ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته اسان ٻين ڳوٺن جي اسڪولن ۾ ٻار پڙهائڻ تي مجبور آهيون، ان ڪري ٿڌ ۽ گرمي ۾ ٻار بيمار ٿي وڃن ٿا. هنن تعليم واري وزير ۽ ڊويزن شھيد بينظيرآباد جي پ پ جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ ۾ اسڪول ٺهرائي ڏئي ٻارن کي تعليم جي زيور سان نوازيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button