اسلام آبادپاڪستان

بال اسان جي ڪورٽ ۾ آهي،پائي پائي عوام تي خرچ ڪنداسين:وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جنيوا ڪانفرنس ۾ انتهائي ڪامياب ثابت ٿي ۽ مختلف ملڪن ۽ مالياتي ادارن طرفان 9 ڏهائي ست ارب ڊالر جي امداد جا واعدا ڪيا ويا آهن. اسلام آباد ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، بلاول ڀٽو زرداري، شيري رحمان، مولانا اسعد محمود، طارق بشير چيما ۽ ٻين جي جنيوا ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس جي حوالي سان ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم چيو ته جنيوا ڪانفرنس انتهائي ڪامياب ثابت ٿي، ڪانفرنس جي ڪاميابي قوم جي دعائن جو نتيجو آهي. هن چيو ته اِها ڪاميابي ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي. ٻوڏ متاثرن جي ٻيهر آبادڪاري تائين ڪوششون جاري رکنداسين، بال هاڻي اسان جي ڪورٽ ۾ آهي، هڪ، هڪ پائي عوام جي ترقي، خوشحالي ۽ ڀلائي تي استعمال ڪرڻي آهي. هاڻي اسان کي ڏينهن رات عوام جي خدمت ڪرڻي آهي. وزيراعظم چيو ته جنيوا ڪانفرنس دوران سڀ کان وڏي امداد جو اعلان اسلامي ترقياتي بئنڪ طرفان چار ڏهائي ٻه ارب ڊالر جو ڪيو ويو. عالمي بئنڪ ٻه ارب ڊالر ۽ ايشين انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ بئنڪ هڪ ارب ڊالر جو اعلان ڪيو. اي ڊي بي پنج سئو ملين ڊالر جو اعلان ڪيو، اٽلي 23 ملين يورو ۽ جپان ستهتر ملين ڊالر جو اعلان ڪيو، قطر پنجويهه ملين ڊالر ۽ سعودي عرب هڪ ارب ڊالر جو اعلان ڪيو. شهباز شريف جو چوڻ آهي ته سعودي عرب هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو جنهن تي سندن ٿورائتا آهيون. آمريڪا طرفان به سئو ملين ڊالر امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڊونرز ڪانفرنس جي ڪاميابي تي وزيراعظم کي مبارڪون پيش ڪيان ٿو ته سندس پرڏيهي پاليسي ڪامياب ٿي وئي آهي. اسلام آباد ۾ وزيراعظم ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته اسان گذريل اٺن مهينن کان جيڪا محنت ۽ ڪوششون ڪري رهيا هئاسين اُهي هاڻي اثر ڏيکاري رهيون آهن. اسان جي ڪاميابي آهي ته اسان هدف کان وڌيڪ رقم گڏ ڪئي، اوڀر کان اولهه تائين سڄي دنيا اسان جي مدد ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ حڪومت هڪ تير سان ٻه شڪار ڪيا، هڪ پاسي ته اوهان مُلڪ اندر ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي ته ٻئي پاسي عالمي سطح تي پاڪستان کي ڊيفالٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارن کي به ڏيکاريو ته ڪئين دنيا پاڪستان کي دل کولي مدد ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان جي اعلانن سان اِهو تاثر وڃي رهيو آهي ته امداد ملڻ کانپوءِ سمورا مسئلا حل ٿي ويندا پر ائين نه آهي، اڄ به ٻوڏ متاثر ڏکيائين جو منهن ڏسي رهيا آهن ۽ بي گهر آهن، زراعت کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي. مسئلا تمام گهڻا آهن ۽ متاثرن جو انگ به تمام گهڻو آهي. هن چيو ته سياري جي موسم ۾ به ٻوڏ متاثر ڏکي صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن، سرندي وارن کي گذارش آهي ته جنهن نموني به امداد ٻوڏ متاثرن لاءِ موڪلي سگهن موڪلين ۽ پنهنجن ٻوڏ متاثرن ڀائرن کي ڏکئي وقت ۾ ياد رکن. هن چيو ته تنقيد ڪندڙ افواهن جي بنياد تي خوف ۽ حراس ڦهلائڻ بند ڪن، الله اهڙن ماڻهن کي هدايت ڏي اهڙن عنصرن کي گهرجي ته قومي مفاد کي هر شئي کان مٿانهون سمجهن. ان موقعي تي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته منهنجي ٽيم جي عالمي مالياتي فنڊ (آئي ايم ايف) جي ٽيم سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. آئي ايم ايف سان طئي ٿيندڙ معاهدي جي نتيجي ۾ حڪومت عوام تي بار نه وجهندي. ڪانفرنس ۾ اعلانيل رقم مان 90 سيڪڙو پروجيڪٽ لون تي ٻڌل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button