اسلام آبادپاڪستانسنڌ

جي ايڇ ڪيو جو پولنگ اسٽيشنز تي فوج ۽ رينجرز جي مقرري کان انڪار

اسلام آباد : جي ايڇ ڪيو سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي معاملي تي پولنگ اسٽيشنن تي اسٽيٽڪ مقرري کان انڪار ڪري ڇڏيو. گهرو وزارت ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مڪاني چونڊن واري معاملي تي جي ايڇ ڪيو جي جواب کانپوءِ جوابي خط لکي اليڪشن ڪميشن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. گهرو وزارت جي جوابي خط ۾ چيو ويو آهي ته پندرنهن جنوري تي حساس پولنگ اسٽيشنز جي ٻاهر فوج ۽ رينجرز جي مقرري جي درخواست ڪئي وئي، جنهن تي جي ايڇ ڪيو چيو ته صوبائي حڪومت اسٽيٽڪ مقرري فراهم ڪرڻ جي ذميوار آهي. سول آرمد فورسز ۽ فوج ٻئي يا ٽئين دجري تي مقرر ڪري سگهجي ٿي. جوابي خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن پهريان ئي اٺ هزار نوَ سئو چويهه پولنگ اسٽيشنز کي حساس ۽ انتهائي حساس قرار ڏنو آهي ۽ ڪنهن به پولنگ اسٽيشن کي نارمل قرار ناهي ڏنو ويو. گهرو وزارت جي خط ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ جي انتهائي حساس ۽ حساس پولنگ اسٽيشنن تي 20 هزار اهلڪار مقرر ڪرڻا پوندا، جڏهن ته جي ايڇ ڪيو جو چوڻ آهي ته هو ايتري وڏي تعداد ۾ اهلڪار فراهم نٿا ڪري سگهن. گهرو وزارت چيو آهي ته پاڪ فوج ۽ رينجرز کي ڪوئڪ ريسپانس فورس طور مقرر ڪيو ويندو، جي ايڇ ڪيو پولنگ اسٽيشنن تي فوج ۽ رينجرز جي مقرري کان معذرت ڪري ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button