پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ آپريشن، ڪئبنون کڻائي هوٽلن جا ڇپرا ڊاٿا ويا

مٺي: سول اسپتال مٺي سميت شهر جي مختلف روڊن تي غيرقانوني طور اڏاوتن خلاف ضلعي انتظاميا ۽ ٽائون انتظاميا پاران آپريشن ڪيو ويو. مٺي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مٺي حميد مغل ۽ سي ايم او سعيد احمد بروهي جي اڳواڻي ۾ هيوي مشينري سان سول اسپتال جي مين گيٽ، بس ٽرمينل سميت شهر جي اهم روڊن تي سون جي تعداد ۾ گاڏا، ڪئبنون ۽ صندلن کي هٽايو ويو. ميونسپل عملي هوٽلن جا ڇپرا مسمار ڪري ڇڏيا. آپريشن خلاف ڪئبن مالڪن ۽ رڪشا ڊرائيور واحد ھنگورجو، غلام سميجو، مجيد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سول اسپتال اڳيان ڌرڻو هنيو ۽ ضلعي انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته انتظاميا اسان کي روزي روٽي ڪرڻ نٿي ڏي، عملدار ڪئبينون کڻائي ويا آهن، اسان روز 5 سئو رپيا ڏهاڙي ڪمائڻ وارا ماڻهو آهيون، اسان سان انصاف ڪيو وڃي. جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر حميد مغل جو چوڻ هو ته شهر جي مين چوڪن ۽ رستن تي غيرقانوني اڏاوتن سبب ٽرئفڪ مسلسل بند ٿي ويندي آهي، سول اسپتال سامهون ايمبولينس کي به رستو نٿو ڏنو وڃي، جنهن سبب آپريشن ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button