پاڪستان

ماڻهن کي ڊيڄاريو پيو وڃي ته مون تي ريڊ لائن لڳائي وئي آهي:عمران خان

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي ۽ فيڪٽريون بند ٿي رهيون آهن، چورن جي حڪومت ۾ پاڪستان صفا پوئتي رهجي ويو آهي. وڊيو لنڪ خطاب ۾ هن چيو ته پي ڊي ايم حڪومت پاڪستان کي اتي اچي بيهاري ڇڏيو آهي جو آءِ ايم ايف جا شرط مڃڻا پوندا، مودي به چوي پيو ته پاڪستان پِني رهيو آهي، اسان جي آزاد پرڏيهي پاليسي غلامن کي نه وڻي، آءِ ايم ايف وٽ وڃن يا نه مهانگائي ٿيندي. هن چيو ته ماڻهن کي ڊيڄاريو پيو وڃي ته عمران خان تي ريڊ لائن لڳائي وئي آهي، اهو به چيو پيو وڃي ته اسان عمران خان کي مائنس ڪري ڇڏيو آهي، پئسن جون آڇون الڳ، ماڻهن کي ڌمڪيون به ڏنيون پيون وڃن، ريڊ لائن عوام ئي لڳائي سگهي ٿو، جيڪي ريڊ لائن جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن انهن کي سياست جي سمجهه ئي ناهي. هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي وڌي رهي آهي، فيڪٽريون بند ٿي رهيون آهن، 30 سالن تائين ٻه خاندان ملڪ کي لُٽيندا رهيا، پنج ماڻهو خريدڻ لاءِ اربين رپين جي آڇ ڪئي وئي، مون کي پنهنجي ٽيم تي فخر آهي، اسان کي چونڊن جي تياري ڪرڻ گهرجي. اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته مون کي احساس آهي ته توهان تي ڪيترو دٻاءُ وڌو پيو وڃي، عدليا کي اپيل ٿو ڪريان ته اسان جا به ڪي حق آهن يا نه؟ اسان جي دور ۾ ته هر شئي بهتر ٿي رهي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button