پاڪستانپنجاب

پرويز الاهي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تي صحيح ڪري گورنر کي ايڊوائيس موڪلي ڇڏي

پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ وٺڻ بعد عمران خان سان ڪيل واعدي تحت اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تي صحيح ڪري گورنر ڏانهن ايڊوائيس موڪلي ڇڏي آهي، تحريڪ انصاف جو اڳواڻ فواد چوڌري چوي ٿو ته جيڪڏهن گورنر اسيمبلي نه ٽوڙيندو ته 48 ڪلاڪن ۾ پاڻمرادو ٽٽي ويندي. تفصيل موجب پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تي صحيحون ڪري ڇڏيون. زمان پارڪ لاهور ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ پارٽي جي مک قيادت اسيمبلي فوري طور ٽوڙڻ جي راءِ ڏني. بعد ۾ چوڌري پرويز الاهي جي عمران خان سان الڳ ملاقات ٿي، جنهن ۾ اسيمبلي ٽوڙڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو ۽ وڏي وزير اسيمبلي تحليل ڪرڻ جي سمري تي صحيح پڻ ڪري ڇڏي، جيڪا گورنر بليغ الرحمان ڏانهن موڪلي وئي آهي. ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري ٻڌايو ته پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن، ايڊوائس گورنر کي موڪلي وئي آهي، جيڪڏهن گورنر اسيمبلي نه ٽوڙيندو ته 48 ڪلاڪن اندر پاڻمرادو ٽٽي ويندي، ڇنڇر تي خيبر پختونخوا اسيمبلي به ساڳئي نموني ٽوڙينداسين ۽ ٻنهي صوبن ۾ 90 ڏينهن اندر ٻيهر چونڊون ٿينديون. هن چيو ته پرويز الاهي ۽ سندس پارٽي جهڙي نموني اسان جو ساٿ ڏنو ۽ گڏ بيٺل رهيا، ان تي اسان ق ليگ، پرويز الاهي ۽ مونس الاهي جا ٿورائتا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي هاڻي قومي اليڪشن ڏانهن وڌڻ گهرجي، ملڪ ۾ استحڪام صرف چونڊن سان ئي اچي سگهي ٿو، تنهن ڪري وفاقي حڪومت کي پنهنجي هٺ ۽ ضد مان ٻاهر نڪرڻو پوندو، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي به چئون ٿا ته اسان جون استعيفائون منظور ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button