اسلام آبادپاڪستان

سنڌ گهوسٽ اسڪولن جي نالي سان مشهور آهي:چيف جسٽس

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ آڊيٽر جنرل کي سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي آڊٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي فرانزڪ آڊٽ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف درخواست تي شنوائي ٿي. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي وڪيل چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ غير قانوني حڪم جاري ڪيو. جسٽس عائشا ملڪ ريمارڪس ڏنا ته 2 ارب 30 ڪروڙ جي بجيٽ توهان کي ملي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حڪم آهي ته ان جي آڊٽ ڪرائي وڃي، عدالتي حڪم باوجود توهان آڊٽ نٿا ڪرايو. وڪيل چيو ته اسان کي آڊٽ ڪرائڻ ۾ ڪو اعتراض ناهي، اعتراض ايڊيشنل رجسٽرار کي سپروائيزر لڳائڻ ۽ تڪڙي آڊٽ جو آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اسان جي ملڪ جي سڀ کان وڏي ڪمزوري آهي ته تعليم تي ڪو ڌيان ناهي ڏيندو. توهان جو صوبو گهوسٽ اسڪولن جي نالي سان مشهور آهي، توهان جي اداري جي آڊٽ ڪير ڪندو آهي؟ وڪيل چيو ته اسان جي آڊٽ اي جي پي آر ڪندو آهي، عدالت حڪم ڏئي ته گذريل 20 سالن جي آڊٽ پيش ڪنداسين. سپريم ڪورٽ آڊيٽر جنرل کي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي آڊٽ جو حڪم ڏيندي هدايت ڪئي ته آڊٽ مڪمل ٿيڻ تي رپورٽ لاڳاپيل عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button