اسلام آبادپاڪستان

چار سال پنجاب کي ُلٽيندڙن کان صوبو پاڪ ٿي ويو:مريم اورنگزيب

اسلام آباد : سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته الحمدالله 4 سال پنجاب جا وسيلا لٽيندڙن کان صوبي پاڪ ٿي ويو آهي. فارين ايجنٽ جو وفاق وانگر ووٽ ۽ اليڪشن جي طاقت سان پنجاب مان به صفايو ڪنداسين. 4 سال بشريٰ بي بي، فرح گوگي ۽ فرنٽ مينن جي ذريعي وفاق ۽ پنجاب کي لٽيو ويو. ملڪ کي ڊيفالٽ جي ڪناري تائين پهچائيندڙن کي عوام ووٽ نه ڏيندو. پنجاب ۾ وري خوشحالي جو دور شروع ڪنداسين. پنجاب جي عوام مفت علاج ۽ تعليم، بهترين رستن کي ووٽ ڏيندو. پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته ووٽ جي طاقت سان انهن لٽيندرن فارن ايجنٽس ۽ فرنٽ مينن جو خاتمو ڪنداسين. پنجاب ۾ ترقي جي رڪيل عمل کي ٻيهر شروع ڪنداسين. مريم اورنگزيب چيو ته چئن سالن ۾ پنجاب جي عوام سان ٿيندڙ زيادتي جو ازالو ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button