
وزيراعظم شهباز طرفان ڳالهين لا ڏنل دعوت تي ڀارت جو ردعمل سامهون آيو آهي. ڀارت جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ارندام باغچي نئين دهلي ۾ پريس بريفنگ ڏيندي چيو ته ڀارت سدائين پاڪستان سان معمول جي پاڙيسري وارا لاڳاپا چاهي ٿو پر انهن لاڳاپن لا سازگار ماحول هجڻ گهرجي. هن وضاحت ڪندي چيو ته ماحول اهڙو سازگار هجي جنهن ۾ دهشت، دشمني يا تشدد شامل نه هجي.