اسلام آبادپاڪستان

3 سالن دوران پاڪستان جي قرضن ۾ 16 هزار ارب رپين جو اضافو

اسلام آباد :ناڻي واري وزارت ٻڌايو آهي ته موجوده حڪومت جي 3 سالن دوران پاڪستان جي ٽوٽل قرضن ۾ 16 هزار ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي ۽ حڪومت قرضن تي وياج ادائيگي جي مد ۾ 7 هزار 460 ارب رپيا ادا ڪري چڪي آهي. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سوالن جي وقفي دوران گذريل 3 سالن ۾ وياج جي ادائيگين جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪيا ويا. ناڻي واري وزارت ٻڌايو ته حڪومت قرضن تي وياج ادائيگي جي مد ۾ 7 هزار 460 ارب رپيا ادا ڪري رهي آهي. ٽن سالن دوران سرڪاري قرضن ۾ 14 هزار 906 ارب جو اضافو ٿيو ۽ وياج جي مد ۾ 50 سيڪڙو ادائيگي ڪئي وئي. ناڻي واري وزارت لکت واري جواب ۾ چيو آهي ته سرڪاري قرضن ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. سال 2020-21 ۾ ڊيٽ ٽو جي ڊي پي جي شرح 4 سيڪڙو گهٽ ٿي ۽ هلندڙ مالي سال هن شرح ۾ 2 کان 3 سيڪڙو گهٽتائي جو امڪان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button