پاڪستانسنڌ

ناظم جوکيو جو موبائل فون جوابدارن پاران کوهه ۾ اڇلائڻ جو اعتراف

ڪراچي: ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن مقتول نوجوان جو موبائل فون کوهه ۾ اڇلائڻ جو اعتراف ڪيو آهي. ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ جاچ اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار ٻن جوابدارن ناظم جوکيو جو موبائل فون کوهه ۾ اڇلائڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

ميمڻ ڳوٺ ۾ 50 کان 60 فوٽ گهرائي وارو اهو کوهه ڪيترن ئي سالن کان خشڪ آهي. جاچ اختيارين جو چوڻ آهي ته ماڻهو کوهه ۾ ڪچرو اڇلي ان کي باهه ڏئي ڇڏيندا آهن، غير معمولي تپش جي ڪري کوهه مان موبائل فون هٿ نه اچي سگهي جڏهن ته ماڻهن کي کوهه ۾ ڪچرو اڇلائڻ ۽ باهه ڏيڻ کان روڪيو ويو آهي. اختيارين موجب کوهه ٿڌو ٿيڻ کانپوءِ موبائل فون کي ٻيهر ڳوليو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button