مٺي: مٺي ۾ ايف بي آر اسلام آباد ۽ ايف بي آر انٽيليجنس حيدرآباد جي ٽيم گڏيل ڪارروائي ڪندي سيٺ ريوا چند جي گدام تي ڇاپو هنيو ۽ ذخيرو ڪيل سوين کنڊ جا ڪٽا هٿ ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ ايف بي آر اسلام آباد جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر طاهر شيخ ۽ ايف بي آر حيدرآباد جي ٽيم مٺي ۾ سيٺ ريوا چند جي کنڊ جي گدام تي ڇاپو هنيو. ايف بي آر ٽيم گدام تي بغير ٽئڪس جي ٽڪلين سان پيل کنڊ جا 394 ڪٽا هٿ ڪري ورتا، جنهن بعد ٽيم گدام سيل ڪري واپس رواني ٿي وئي. ايف بي آر جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر طاهر شيخ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي اطلاع هئا ته بغير ٽئڪس جي چوري جي کنڊ جيڪي به وڪرو ڪن پيا، انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ پهتا آهيون. بغير ٽئڪس جي چوري جي کنڊ ذخيرو ڪرڻ قانوني ڏوهه آهي، ملوث واپارين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. اسان ڪارروائي ڪري گدام سيل ڪيو آهي. هن چيو ته گدام سيل ڪري شگر ملز مان ويريفڪيشن ڪئي ويندي، کنڊ چوري جي ثابت ٿي ته ڪارروائي ٿيندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close