اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آءِ جي وڌيڪ 35 قومي اسيمبلي ميمبرن جي استعيفا منظور

اسلام آباد : قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف تحريڪ انصاف جي وڌيڪ 35 ميمبرن جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي. قومي اسيمبلي اسپيڪر طرفان پي ٽي آءِ جي جن ميمبرن جي استعيفيٰ منظور ڪئي وئي آهي، انهن ۾ جنيد اڪبر، عثمان ترڪئي، مجاهد علي، ارباب عامر ايوب، عندليب عباس، مليڪا بخاري، حيدر علي خان، سليم رحمان، صاحبزادا صبغت الله، محبوب شاهه، محمد بشير، شير علي ارباب، شاهد احمد، گل داد خان، ساجد خان، محمد اقبال خان، سليم رحمان شامل آهن. راجا پرويز اشرف طرفان محبوب شاهه، شير اڪبر خان، علي خان جدون، عامر محمود ڪياني، فيض الحسن، شوڪت علي، عمر اسلم خان، امجد علي خان، خرم شهزاد، فيض الله، ملڪ ڪرامت کوکر، فخر امام، ظهور حسين قريشي، ابراهم خان، طاهر اقبال، اورنگزيب خان، مخدوم خسرو بختيار، عبدالمجيد خان، اسما قدير، منوره بي بي جي استعيفيٰ به منظور ڪئي وئي آهي. اسپيڪر استعيفائون منظوري کانپوءِ وڌيڪ ڪارروائي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي موڪلي ڇڏيون آهن. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به قومي اسيمبلي اسپيڪر تحريڪ انصاف جي 34 ميمبرن ۽ شيخ رشيد جي استعيفيٰ منظور ڪئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button